Book Name:Ghaus-e-Azam ka Kirdar

 

مَدَني تَربِيت گاھ جو تعارُف:

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اوهان مُلاحَظه فرمايو ته ان ماحول سان وابسته ٿي ڪهڙن ڪهڙن بگڙيل ماڻهن جي اِصلاح جو سامان ٿئي ٿو تنهنڪري اوهان به هن مدني ماحول سان هر دَم وابسته ٿي وڃو اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ دِين ۽ دُنيا جون ڀلائيون نَصِيب ٿينديون اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ دعوتِ اسلامي دِينِ مَتِين جي مُتعدَّد شُعبن ۾ ڪم ڪري رهي آهي انهن مان هڪ شُعبو ’’مدني تَربِيت گاه‘‘ به آهي جنهن ۾ اسلامي ڀائر مُختلف مُلڪن، شهرن ۽ ڳوٺن مان ايندڙ عاشقانِ رَسُول جي مدني تَربِيت ڪن ٿا۔ پوءِ اهي اسلامي ڀائر علمِ دِين سکي ۽ سُنَّتن جي تَربِيت حاصل ڪري پنهنجي علائقن ۾ وڃي ’’نيڪي جي دعوت‘‘ جا مدني گل مهڪائن ٿا۔ تنهنڪري اسان کي به وَقت بوقت سُنَّتن جي تَربِيت حاصِل ڪرڻ جي لاءِ دعوتِ اسلامي جي مَدَني تَربِيت گاهن تي حاضر ٿيڻ گھرجي ۽ جيڪو سکون ان کي ٻين تائين به پهچائڻ جي سَعادَت ماڻڻ گھرجي۔ ۽ جيڪي اسلامي ڀائر وڌيڪ ڏينهن جي لاءِ مدني قافلن ۾ سفر جي سعادت حاصل نٿا ڪري سگھن، انهن تي انفرادي ڪوشش ڪري انهن کي به وقتاً فوقتاً ڪجھ وَقت جي لاءِ مدني تَربِيت گاهن ۾ موڪليندا رهو، ان جي برڪت سان به ڪيئي عاشقانِ رسول دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان عملي طور وابسته ٿي مدني ڪمن جون ڌُومون مچائڻ وارا بڻجندا۔  اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! الله وارن جو شان ۽ انهن جو مقام ۽ مرتبو يقيناً نهايت بُلند ۽ مٿانهون هوندو آهي اهي حضرات دُنيوي آرائش و زيبائش کان پاسو ڪري الله عَزَّوَجَلَّ جي عبادت ۾ مشغول رهندا آهن ۽ انهن جو ظاهر ۽ باطن هميشه عبادت ۽ رياضت جي نور سان پُرنور رهندو آهي، گنهگار ماڻهو گناهن جا موقعا ملڻ