Book Name:Ghaus-e-Azam ka Kirdar

1.          جيڪو شخص علم طلب ڪري ٿو ته اهو ان جي اڳوڻن گناهن جو ڪفّارو ٿي ويندو آهي۔ (تِرمِذي،ڪتاب العلم، باب فضل طلب العلم،۴/۲۹۵، حديث:۲۶۵۷)

اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ Vcd اجتماع ۾ شرڪت جي بدولت ڪيئي زندگين ۾ مدني انقلاب برپا ٿيو۔ اچو! ترغيب Vcd اجتماع ۾ شرڪت جي هڪ ايمان افروز مدني بهار ٻڌون ٿا جيئن

مَدَني ماحول سان وابسته ٿي ويس

 صوبه پنجاب (پاڪستان) جي هڪ اسلامي ڀاءُ جو بيان آهي ته مان مُعاشَري جو بگڙيل نوجوان هئس ۽ ڏينهن بڏينهن گُناهن جي دلدل ۾ ڦاسندو ئي پيو ويس۔ منهنجي اِصلاح جي صورت ان طرح ٺهي ته اسان جي علائقي ۾ دعوتِ اسلامي جي ذِمّيداران V.C.D.اجتماع جي ترڪيب بڻائي۔ مان به ان v.c.d.اجتماع ۾ شريڪ ٿيس۔ جڏهن مون دعوتِ اسلامي جي بينَ الاقوامي سُنَّتن ڀري اجتماع جا رُوح پرور منظر ڏٺا ته گھڻو مُتاثر ٿيس ۽ جڏهن 27 ويهين رات رمضان ۾ ٿيڻ واري اميرِاهلسُنَّت دَامَتْ بَرَکاتُهمُ الْعَالِيه جي رِقّت انگيز بيان جو ڪجھ حصّو ٻڌو ته مون کي پنهنجي اڳوڻي اندازِ زندگي سان وحشت محسوس ٿيڻ لڳي، جيئن جيئن بيان ٻڌندو ويس منهنجي دل جي دُنيا بدلجندي وئي۔ نيٺ مون پنهنجي سڀني گُناهن کان توبه ڪئي ۽ دعوتِ اسلامي جي مَدَني ماحول سان وابسته ٿي ويس۔

عطائے حبیبِ خدا مَدَنی ماحول           ہے فیضانِ غوث و رضا مَدَنی ماحول

سلامت رہے یا خدا مَدَنی ماحول          بچے نظرِبد سے سدا مَدَنی ماحول

سنور جائیگی آخِرت اِنْ شَاءَ اللہ

تم اپنا ئے رکھو سدا مَدَنی ماحول

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                        صَلَّي الله تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد