Book Name:Ghaus-e-Azam ka Kirdar

 

تیرے ڈر سے سَدا تَھر تَھراؤں

 

خوف سے تیرے آنسو بہاؤں

کَیْف ایسا دے، ایسی ادا کی

 

میرے مولیٰ تُو خَیْرات دیدے

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                     صَلَّي الله تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

12مدني ڪمن مان هڪ مدني ڪم” Vcd اجتماع“

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! دل ۾ خوفِ خدا جي شمع جَلائڻ جو هڪ بهترين ذريعو دعوتِ اسلامي جو مَدَني ماحول به آهي ڇوته الله عَزَّوَجَلَّ جو خوف رکڻ وارن نيڪ ماڻهن جي صُحبت ۾ ويهڻ به دل ۾ خوفِ خدا پيدا ڪرڻ، پابندِ سُنَّت بنائڻ، گُناهن کان نَفرت ڪرڻ ۽ ايمان جي حفاظت جي لاءِ ڪڙھڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو آهي۔ اهڙي صحبت ماڻڻ جي لاءِ پنهنجي شهر ۾ هر جمعرات جو ٿيڻ واري دعوتِ اسلامي جي هفتيوار سُنَّتن ڀري اجتماع ۾ شرڪت جو معمول بڻايو، عاشقانِ رسول سان گڏ هر مهيني ٽن ڏينهن جي مدني قافلي ۾ سفر اختيار ڪيو، هفتيوار مدني مُذاڪري ۾ شرڪت ۽ مدني انعامات تي عمل ڪيو ۽ ذيلي حلقي جي 12 مدني ڪمن ۾ وڌ کان وڌ حِصّو وٺو۔ ذيلي حلقي جي 12 مدني ڪمن مان هڪ مدني ڪم Vcdاجتماع ۾ شرڪت“ به آهي۔ جنهن ۾ شريڪ ٿي ڪيتيرائي اسلامي ڀائر اجتماعي صورت ۾ سُنَّن ڀريو بيان ٻڌي علمِ دين جي دولت مان فيضياب ٿيندا آهن۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ اجتماعي صُورت ۾ علمِ دين سکڻ جون وڏيون برڪتون آهن۔ اچو! ترغيب لاءِ ٻه فرمانِ مُصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ٻڌون ٿا:

1.          جڏهن توهان جو گذر جنَّت جي ڪيارين مان ٿيا ته ان مان ڪجھ نه ڪجھ چونڊي وٺو۔ صحابَه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضْوَان عرض ڪيو،''جنَّت جي ڪياريون ڇا آهن؟'' فرمايائون ''ذڪر جا حلقا۔ (ترمذي، ڪتاب الدعوات ، باب ۸۷ ، ج ۵ ، ص ۳۰۴ ، رقم ۲۱ ۳۵)