Book Name:Ghaus-e-Azam ka Kirdar

تي خوش ٿيندا آهن پر ان نيڪ هستين کي عبادت ۽ رياضت سان خوشي حاصل ٿيندي آهي، انهن جون راتون پنهنجي رَبّ جي بارگاھ ۾ گريه و زاري ڪندا، ڳوڙها وهائيندي ۽ ان کي راضي ڪندي گذرنديون آهن۔ اچو! سرڪارِ بغداد، حضور غوثِ پاڪ رَضِى الله تَعَالٰي عَنْه جي رات جي وقت ۾ ڪئي ويندڙ عبادات جي هڪ جھلڪ مُلاحظه ڪيون ٿا ته جيئن اسان ۾ به عبادت جو جذبو وڌيڪ بيدار ٿئي،

حضرت شيخ ابُو عبدُ الله محمد بن ابي الفتح هروي رَحْمَةُ الله تَعَالٰى عَلَيه جو بيان آهي ته مان حضور غوثِ پاڪ رَحْمَةُ الله تَعَالٰى عَلَيه جي خدمت ۾ چند راتون سُتس، سندن احوال هي هو ته رات جو ٽيون تائين نفل پڙھندا هئا ۽ پوءِ ذڪر ڪندا پوءِ ڪجھ ورد پڙهندا هئا۔ مون پنهنجي اکين سان ڏٺو ته ڪڏهن سندن جسم ڪمزور ٿي ويندو، ڪڏهن فربه، ڪنهن وقت منهنجي نگاهن کان غائب ٿي ويندا هئا پوءِ ٿوڙي دير بعد اچي ويندا هئا ۽ قرآن ڪريم پڙھندا هئا ايستائين جو رات جو ٻيو حصو گذري ويندو هو، سجدا گھڻا ڊگھا ڪندا هئا، پنهنجي چهري کي زمين تي رکندا هئا، تهجد ادا ڪندا هئا ۽ مراقبي ۽ مشاهدي ۾ طلوعِ فجر تائين ويٺا رهندا هئا پوءِ نهايت عاجزي ۽ نوڙت ۽ خشوع سان دعا گھرندا هئا، ان وقت اوهان کي اهڙو نور ڍڪيندو هو جو نگاهن مان غائب ٿي ويندا هئا ايستائين جو فجر نماز جي لاءِ گھران ٻاهر نڪرندا هئا۔

(بهجة الاسرار ص۱۶۵، سيرت غوث اعظم ص۱۴۱۔۱۴۲، ملخصاً)

سُبْحٰنَ الله عَزَّوَجَلَّ! اوهان ڏٺو ته اسان جا غوثِ پاڪ عبادت و رياضت جا ڪيترا شيدائي هئا جو سندن جون راتون اسان غافلن وانگر سمهڻ ۾ نه گذرنديون هيون بلڪ سڄي رات نفل عبادت، ذڪر و اذڪار جي ڪثرت، قرآن پاڪ جي تلاوت ۽ سجدن جي مٺاس ماڻڻ ۾ گذرنديون هيون ۽ اهو سلسلو فجر تائين جاري رهندو هو ايستائين جو نماز فجر جي وقت ئي پنهنجي گھران ٻاهر ايندا هئا، پاڻ رَضِى الله تَعَالٰي عَنْه جي عبادت واري جذبي ماان ائين معلوم ٿئي ٿو ته سندن ذاتِ