Auliya Allah Ki Shan

Book Name:Auliya Allah Ki Shan

کان باز رکيو۔ پنهنجي پاڻ کي گناهن کان بچائي سڌي راھ تي گامزن ۽ هدايت جي لاءِ آماده رهيا ۽ دنيا وارن سان گڏ انهن جي آخرت بهتر بنائڻ جي لاءِ شريڪ ٿيا، مصيبتن تي صبر ڪيو، اُميدن کي ختم ڪيو، موت ۽ ان جي سختين، مصيبتن ۽ تڪليفن کان بچي ويا۔ قبر۽ ان جي تنگي ، مُنڪر نَڪير ۽ انهن جي جهڻڪ تڙي، سوال ۽ جواب کان خوفزده رهيا ۽ پنهنجي رَبّ عَزَّوَجَلَّ جي حضور بيهڻ کان ڊڄندا رهيا۔ (اللہ والوں کی باتیں،۱/ ۱/۶۰تا۶۲)

اللہ غنی ! شانِ ولی! راج دلوں پر

دنیا سے چلے جائیں حکومت نہیں جاتی

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

      مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! غور ڪيو هي اولياءِ ڪرام رَحِمَهمُ اللّٰهُ السَّلَام الله عَزَّوَجَلَّ جي بارگاھ ۾ مقبول ۽ مُقرَّب هئڻ جي باوجود خوفِ خدا کان ڪيتري قدر ڏڪندا ۽ ڪنبدا هئا، حقوقُ الله ۽ حقوقُ العباد جي ڪيتري قدر پابندي ڪندا هئا، نيڪين ڏانهن رغبت ۽ گُناهن کان نفرت ڪندا هئا، اسان پنهنجي حالت تي غور ڪيون ته نيڪيون نه آهن ۽ گُناهن جو بازار ايتري قدر گرم آهي جو اَلاَمَانُ وَالحَفِيظ۔ بد قسمتي سان ماڻهن جو وڏو تعداد بي عملي جو شڪار آهي، نه ته حقوقُ العباد جي ادائيگي جو خيال آهي ۽ نه ئي حقوقُ الله جي بيحد پامالي جو ڪو احساس، نيڪيون ڪرڻ نفس جي لاءِ بيحد دُشوار ۽ گناھ ڪرڻ نهايت آسان ٿي چڪو آهي، مسجِدن جي وِيراني ۽ سينما گھرن ۽ ڊراما گاهن جي رونق، دِين جو دَرد رکڻ وارن کي ڄڻ ته بيدار ڪري رهي آهي۔ ٽي وي، ڊِش اِنٽينا، انٽرنيٽ ۽ ڪيبل جو غَلَط استعمال ڪرڻ وارن جو تعداد به گھٽ ناهي، ضَروريات جي پورائي ۽ سَهولِيات جي حصول لاءِ حد کان وڌيڪ جاکوڙ مسلمانن جي وڏي تعداد کي آخِرت جي فڪر کان بلڪل غافل ڪري ڇڏيو آهي۔ گار ڏيڻ، تهمت لڳائڻ، بدگماني ڪرڻ، غيبت ڪرڻ، چغلي هڻڻ،