Auliya Allah Ki Shan

Book Name:Auliya Allah Ki Shan

جھڪي ويون۔

          حاضرين مان ڪنهن عرض ڪيو: الله عَزَّوَجَلَّ اوهان تي رحم ڪري! هي ڪير ماڻهو آهن؟ پاڻ رَحْمَةُ اللّٰه ِتَعَالٰى عَلَيه فرمايائون: هي اهي ماڻهو آهن جنهن قرآنِ پاڪ کي پنهنجي دلين تي رکيو ته هو نرم ٿي ويون۔ سِينن سان لڳايو ته اهي ڪشاده ٿي ويا۔ ان جي برڪت سان انهن جي پريشانين ۽ غمن جا  ڪڪر دور ٿي ويا۔ انهن قرآنِ پاڪ کي پنهنجي اونداهين جي لاءِ چراغ ۽ (قرآنِ پاڪ جي تلاوت کي ان طرح پاڻ لاءِ لازم ڪري ورتو جهڙي طرح) سمهڻ جي لاءِ بستر لازم آهي۔ ان کي پنهنجي راھ جي لاءِ رهنما ۽ پنهنجي حجت جي لاءِ ڪاميابي بڻائي ورتو، ماڻهو خوشيون ملهائيندا آهن جڏهن ته هي ماڻهو غمگين رهندا آهن، ماڻهو سمهي رهيا هوندا آهن، پر هي بيدار رهندا آهن، ماڻهو کائيندا پيئندا آهن ۽ هي روزا رکندا آهن، ماڻهو (قبر ۽ حشر کان غافل هوندا آهن ۽) بي خوف رهندا آهن جڏهن ته هي (قبر ۽ حشر جي معاملن کان) خوفزده رهندا آهن۔ هي الله عَزَّوَجَلَّ کان ڊڄندا ۽ ان جي نافرمانين کان بچندا، گھٻرائيندا ۽ نيڪ عمل ۾ خوب تڪليف سهندا آهن۔ عمل جي فوت ٿيڻ جي ڊپ مان ان کي جلد ئي ادا ڪندا آهن ۽ هر گھڙي موت جي لاءِ تيار رهندا آهن۔ انهن وٽ الله عَزَّوَجَلَّ جي درد ناڪ عذاب جي خوف ۽ وعدو ڪيل عظيمُ الشّان ثواب جي ڪري موت ڪو ننڍو معاملو ناهي۔ اهي قرآنِ حڪيم جي رستن تي گامزن ۽ الله عَزَّ وَجَلَّ جي لاءِ قرباني پيش ڪرڻ جي معاملي ۾ مخلص آهن۔ هي رحمٰن عَزَّوَجَلَّ جي نور سان منوّر ۽ هن ڳالھ جا منتظر آهن ته قرآنِ ڪريم انهن سان ڪيل وعدن ۽ عهدن کي پورو ڪري، پنهنجي سعادت جي مقام ۾ انهن کي ترسائي ۽ پنهنجن وعيدن سان انهن کي امن بخشي، پوءِ هي ماڻهو قرآنِ پاڪ جي ذريعي پنهنجي خواهشن سان ۽ خوبصورت حُورن کي ماڻي هلاڪتن ۽ بُري انجام کان محفوظ ٿي ويا، ڇو ته انهن  دُنيا جي رونقن کي غضبناڪ نگاهن