Auliya Allah Ki Shan

Book Name:Auliya Allah Ki Shan

سان ڏسي ڇڏي ڏنو ۽ آخرت جي ثواب ڏانهن رضامندي واري اکين سان ڏٺو ۽ فنا ٿيڻ واري (دنيا) جي بدلي هميشه رهڻ واري (آخرت) کي خريدي ورتو۔ انهن ڪيترو سٺو واپار ڪيو  جو ٻنهي جھانن ۾ نفعو ماڻيو ۽ دنيا ۽ آخرت جون ڀلائيون گڏ ڪيون، ڪامل طرح سان فضيلتون ماڻڻ ۾ ڪامياب ٿيا۔ ڪجھ ڏينهن (عبادت جي مشقت تي دُنيا ۾) صبر ڪري پنهنجي (پنهنجي اُخروي) منزلن تائين پهچي ويا۔ عذاب واري ڏينهن جي خوف سبب گھٽ مال ۽ دولت تي ئي قناعت ڪري زندگي جا ڏينهن گذاري ڇڏيا۔ مهلت جي ڏينهن ڀلائي ڏانهن جلدي ڪئي، پنهنجي زندگي راند روند ۾ وڃائڻ جي بدران باقي رهڻ وارين نيڪين جي حصول جي لاءِ تڪليفون سَٺيون، الله عَزَّوَجَلَّ جو قسم! عبادت جي ٿڪاوٽ انهن جي قوت ڪمزور ڪري ڇڏي ۽ مشقّت انهن جي رنگت بدلي ڇڏي، انهن ڀڙڪندڙ (جهنم جي) باھ کي ياد رکيو، نيڪين جي طرف جلدي ڪئي ۽ راند روند کان پري رهيا، انهن جا وصف بيان ڪرڻ کان زبان قاصر آهي۔ انهن جي بدولت مصيبتون ٽرن ۽ برڪتون لهن ٿيون، اهي مخلوق جي لاءِ چراغ، شهرن جا منارا، تاريڪين ۾ روشني جا منبع، رحمت جي کاڻ، حڪمت جا چشمه ۽ اُمّت جا ٿنڀ آهن، (سڄي رات عبادت ۾ مصروف رهڻ جي ڪري) بسترن کان انهن جا پهلو جدا رهن ٿا۔ هو ماڻهن جي معذرت کي سڀ کان وڌيڪ قبول ڪرڻ وارا، سڀ کان وڌيڪ معاف ڪرڻ وارا ۽ سڀ کان وڌيڪ سخاوت ڪرڻ وارا هوندا آهن۔ انهن دنيا مان پنهنجي اُميدن کي ختم ڪري ڇڏيو۔ الله عَزَّوَجَلَّ جي خوف انهن جي مالن ۾ انهن جي ڪا رغبت ۽ خواهش نه ڇڏي، تنهنڪري توهان ڏسندؤ ته انهن کي نه مال گڏ ڪرڻ جي خواهش هوندي آهي ۽ نه ئي ريشمي (يعني عمده قسم جي) لباس جي تمنا ڪندا آهن، نه ئي عمده سوارين جا خواهش مند هوندا آهن ۽ نه ئي محلات کي پختو ڪرڻ جو شوق رکندا آهن، انهن پنهنجي جسمن کي حرام ڪمن جي ارتڪاب