Auliya Allah Ki Shan

Book Name:Auliya Allah Ki Shan

ماڻهن جا عيب ڄاڻڻ جي جستجو ۾ رهڻ، ماڻهن جا عيب اُڇلڻ، ڪوڙ ڳالهائڻ، ڪوڙا وعدا ڪرڻ، ڪنهن جو ناحق مال کائڻ، رت وهائڻ، ڪنهن کي بِلا اجازت ِشَرعي تڪليف ڏيڻ، قرض ڦٻائڻ، ڪنهن جي شيء عارِيتاً (يعني وقتي طور تي) وٺي واپَس نه موٽائڻ، مسلمانن کي بُرن لقبن سان سڏڻ، ڪنهن جي شيء ان کي ناگوار گذرڻ جي باوُجُود بِلااجازت استعمال ڪرڻ، شراب پيئڻ، جُوا کيڏڻ، چوري ڪرڻ، بدڪاري ڪرڻ، فلمون ڊراما ڏسڻ، گانا باجا ٻڌڻ، وياج ۽ رِشوت جو ڏي وٺ ڪرڻ، ماءُ پيء جي نافرماني ڪرڻ ۽ انهن کي ستائڻ، امانت ۾ خِيانت ڪرڻ، بدنگاهي ڪرڻ، عورَتن جو مَردن جي ۽ مردن جو عورَتن جي مُشابَهت (يعني نقل) ڪرڻ، بي پردگي، غُرُور، تڪبر، حَسَد، رِيا ڪاري، پنهنجي دل ۾ ڪنهن مسلمان جو بُغض ۽ ڪينو رکڻ، شُماتَت (يعني ڪنهن مسلمان کي مرض، تڪليف يا نقصان پهچڻ تي خوش ٿيڻ)، ڪاوڙ اچڻ تي شريعت جون حدون اورانگھڻ، گناهن جو حرص، حُبِّ جاھ، بخل، خود پسندي وغيره مُعاملا اسان جي مُعاشَري ۾ وڏي بيباڪي سان ڪيا ويندا آهن۔ اي ڪاش! اسان اولياء ڪرام رَحِمَهمُ اللّٰهُ السَّلَام سان سچي محبت ڪرڻ وارا ۽ انهن مُبارڪ هستين جي نقشِ قدم تي هلڻ وارا بڻجي وڃون، پنج ئي نمازون باجماعت مسجد جي پهرين صف ۾ ادا ڪيون۔ رمضان جي مهيني جي فرض روزن سان گڏوگڏ نفل روزا رکڻ وارا بڻجي وڃون۔ هميشه سچ ڳالهايون، حُسنِ اخلاق جا پيڪر بڻجي وڃون، ماءُ پيءُ ۽ ٻين رشتيدارن جا حق ادا ڪرڻ وارا بڻجي وڃون، اي ڪاش! اسان جو پاڙيسري به اسان جي ڪنهن عمل سان تنگ نه ٿئي، اي ڪاش! هر پاسي مدني انعامات جون مدني بهارون هجن، اي ڪاش! تمام عاشقانِ رسول مدني قافلن جا مسافر بڻجي علمِ دِين سکي ٻين کي سيکارڻ جي سعادت حاصل ڪن، اي ڪاش! 12 مدني ڪمن ۾ عملي طور تي شامل ٿي ان معاشري کي مدني معاشرو بنائڻ جي لاءِ هر عاشقِ رسول