Auliya Allah Ki Shan

Book Name:Auliya Allah Ki Shan

وڌ حصو وٺڻ گھرجي، 12 مدني ڪمن مان روزانو هڪ مدني ڪم بعدِ فجر ”مدني حلقو“ به آهي جنهن ۾ روزانو، 3 آيتن جي تلاوت مع تَرْجَمه ڪنز الايمان ۽ تفسير خزائنُ العرفان يا تفسير نورُالْعرفان يا تفسير صِراطُ الجنان، درسِ فيضانِ سُنَّت (4صفحا) ۽ شَجْره قادِريه، رَضَويه، ضيائيه، عطاريه پڙھيو ويندو آهي۔ قرآنِ ڪريم پڙھڻ پڙھائڻ ۽ سمجھڻ سمجھائڻ جي ته ڇا ڳالھ آهي۔

نبي مڪرَّم ، نُورِ مُجسَّم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  جو فرمانِ مُعَظَّم آهي: خَيـرُکُمۡ مَنْ تَعَلَّمَ الْـقُراٰنَ وَعَلَّمَهُ، يعني توهان ۾ بهترين شَخص اهو آهي، جنهن قرآن سکيو ۽ ٻين کي سکاريو۔ (بخاری ، کتاب فضائل القرآن، باب خیرکم من تعلم…الخ،۳/۴۱۰،حدیث:۵۰۲۷) تنهنڪري اسان کي به پابندي سان مدني حلقي ۾ شرڪت جي سعادت حاصل ڪرڻ گھرجي،۽ پڻ دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته ٿي ڪري خوب خوب نيڪي جي دعوت جون ڌومون مچائڻ جي لاءِ مدني قافلن ۾ سفر کي پنهنجو معمول بڻايون، اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ ان جون خوب برڪتون حاصل ٿينديون۔ اچو ترغيب جي لاءَ هڪ مدني بهار ٻڌون ٿا، جيئن ته

مدني بهار

خان پور (پنجاب، پاڪستان) جي هڪ مُبلِّغِ دعوتِ اسلامي جو بَيان آهي ته بابُ المدينه (ڪراچي) مان سُنّتن جي تَرْبِيت حاصِل ڪرڻ جي لاءِ آيل هڪ مَدَني قافِلي جي شُرڪاء اسلامي ڀائرن سان گڏ مون کي عَلاقائي دَوره براء نيڪي جي دعوت ۾ شرڪت جو شَرَف حاصِل ٿيو۔هڪ درزي جي دُڪان جي ٻاهران ماڻهن کي گڏ ڪري اسان نيڪي جي دعوت ڏئي رهيا هئاسين۔ جڏهن بَيان خَتم ٿيو ته انهيء دڪان جي هڪ ملازم نَوجوان چيو، مان غيرمسلم آهيان۔ اوهان جي نيڪي جي دعوت منهنجي دِل تي وڏو اثر ڪيو آهي۔