Auliya Allah Ki Shan

Book Name:Auliya Allah Ki Shan

مهرباني فرمائي مون کي اسلام ۾ داخِل ڪري وٺو۔ اَلحَمدُ لله عَزَّ وَجَلَّ اهو مسلمان ٿي ويو۔

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

الله عَزَّ وَجَلَّ قسم پورو ڪندو آهي      

      مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اچو اولياء ڪرام رَحِمَهمُ اللّٰهُ السَّلَام جي مزيد شان ۽ عظمت جي باري ۾ ٻڌون ٿا جيئن ته حضرت سَيدُنا امام حافظ ابونُعَيم احمد بن عبدُ الله اَصْفَهاني رَحْمَةُ اللّٰه ِتَعَالٰى عَلَيه اولياء ڪرام جو شان ۽ عظمت بيان ڪندي ارشاد فرمائن ٿا: اولياء ڪرام کائڻ ۽ لباس جي معاملي ۾ خسته حال هوندا آهن، مصيبتن ۽ حادثن ۾ (جيڪڏهن هو ڪنهن معاملي ۾ الله عَزَّوَجَلَّ تي قسم کڻن ته) الله عَزَّوَجَلَّ انهن جو قسم پورو ڪندو آهي۔ جيئن حضرت سيدُنا ابوهريره رَضِى الله تَعَالٰى عَنْه کان روايت آهي ته حضور نبي ڪريم، رؤفٌ رَّحيم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  جن ارشاد فرمايو: گھڻا پرا گنده حال، بوسيده لباس وارا اهڙا هوندا آهن جو ماڻهو انهن کان نگاهون ڦيريندا آهن (پر انهن جو شان هي هوندو آهي جو) جيڪڏهن هو الله عَزَّوَجَلَّ جو قسم کڻن ته الله عَزَّوَجَلَّ انهن جي قسم کي ضرور پورو ڪندو آهي۔ (المستدرک،کتاب الرقاق،باب قلب الشیخ شاب…الخ، الحدیث: ۸۰۰۲،ج۵،ص۴۶۷) اهڙي طرح حضرت سيدُنا اَنس بن مالڪ رَضِى الله تَعَالٰى عَنْه کان روايت آهي ته حُسنِ اَخلاق جي پيڪر، نبين جي تاجور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  جن ارشاد فرمايو: گھڻا ضعيف، ڪمزور، بو سيده( لباس(ڳريل، سڙيل ،ڦاٽل ،ڪپڙن) وارا اهڙا هوندا آهن جو جيڪڏهن هو الله عَزَّوَجَلَّ تي قسم کڻن ته الله عَزَّوَجَلَّ انهن جي قسم کي پورو ڪندو آهي ۽ براء بن مالڪ (رَضِى الله تَعَالٰى عَنْه) به انهن مان آهن۔ راوي چون ٿا: ان کان بعد حضرت سيدُنا براء بن مالڪ رَضِى الله تَعَالٰى عَنْه مشرڪن جي خلاف هڪ جنگ ۾ شريڪ ٿيا۔ ان جنگ ۾ مشرڪن مسلمانن کي تمام گھڻو نقصان پهچايو ته مسلمانن حضرت