Auliya Allah Ki Shan

Book Name:Auliya Allah Ki Shan

سيدُنابراء بن مالڪ رَضِى الله تَعَالٰى عَنْه کي چيو: اي براء رَضِى الله تَعَالٰى عَنْه! حضورنبي ڪريم، رؤفٌ رَّحيم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ارشاد فرمايو آهي ته جيڪڏهن اوهان الله عَزَّوَجَلَّ تي قسم کڻو ته الله عَزَّوَجَلَّ ضرور توهان جي قسم کي پورو ڪندو، پوءِ پاڻ (مشرڪن جي خلاف) الله عَزَّوَجَلَّ تي قسم کنيو! حضرت سيدُنا براء رَضِى الله تَعَالٰى عَنْه بارگاھ خداوندي ۾ عرض ڪيو: ياالله عَزَّوَجَلَّ! مان تو کي قسم ڏيان ٿو ته اسان کي مشرڪن تي غلبو عطا فرما۔ سندن هي دعا قبول ٿي ۽ الله عَزَّوَجَلَّ مسلمانن کي مشرڪن تي غلبو عطا فرمايو۔ پوءِ هڪ ڀيري ”سوس“(0اعراب) جي پُل تي مسلمانن جي ڪافرن سان جنگ ٿي ته ڪافرن مسلمانن کي سخت نقصان پهچايو، مسلمانن چيو: اي براء رَضِى الله تَعَالٰى عَنْه! پنهنجي رَبّ عَزَّوَجَلَّ تي قسم کڻو! انهن عرض ڪيو: ياالله عَزَّوَجَلَّ! آئون تو کي قسم ڏيان ٿو ته اسان کي ڪافرن تي غلبو عطا فرما ۽ مون کي پنهنجي نبي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  سان ملائي ڇڏ (يعني شهادت عطا فرما)۔ حضرت سيدُنا براء بن مالڪ رَضِى الله تَعَالٰى عَنْه جي هي دُعا به قبول ٿي ۽ مسلمانن کي فتح نصيب ٿي ۽ پاڻ شهيد ٿي ويا۔ (المستدرک،کتاب معرفۃ الصحابۃ، باب ذکرشہادۃ البراء بن مالک، الحدیث: ۵۳۲۵، ج۴، ص۳۴۰)

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

اَولياءِ ڪرام جا تَصَرُّفَات

حضرت سيدنا امام حافظ ابونُعَيم احمد بن عبدُ الله اصفَهاني رَحْمَةُ اللّٰه ِتَعَالٰى عَلَيه ارشاد فرمائن ٿا ته اولياء ڪرام جي يقين جي طاقت سان ڏونگر ڏري پون ٿا ۽ انهن جي اشاري سان سمنڊ ڦاٽي پون (يعني رستو ڏين) ٿا۔ جيئن،

حضرت سيدُناسَهم بن مِنجَاب رَضِى الله تَعَالٰى عَنْه کان مروي آهي، فرمائن ٿا: اسان (صحابي رسول) حضرت سيدُنا علاء بن حضرمي رَضِى الله تَعَالٰى عَنْه سان گڏ جنگ ۾ شرڪت ڪئي۔ جڏهن اسان هلندي هلندي ”دارين“ نالي مقام تي پهتاسين،