Auliya Allah Ki Shan

Book Name:Auliya Allah Ki Shan

جتي اسان جي ۽ دشمن جي وچ ۾ سمنڊ حائل هو ته حضرت سيدُنا علاء رَضِى الله تَعَالٰى عَنْه هي دعا گھري: ياعَلِيمُ ياحَلِيمُ يا عَلِي ياعَظِيمُ اِنَّاعَبِيدُک وَفِي سَبِيلِک نُقَاتِلُ عَدُوَّڪ،اَللّٰهمَّ فَاجْعَلْ لَنَااِلَيهمْ سَبِيلًا فَتَقْحَمَ بِنَاالْبَحَر۔ يعني اي علم وارا، اي حلم وارا، اي بلند ۽ برتر، اي عظمت وارا مالڪ ۽ مولا عَزَّوَجَلَّ! اسان تنهنجا ٻانها آهيون ۽ تنهنجي راھ ۾ تنهنجي دشمن کان وڙهڻ لاءِ نڪتا آهيون۔ ياالله عَزَّوَجَلَّ! اسان جي لاءِ انهن تائين پهچڻ جو رستو بڻاءِ، اسان کي سمنڊ جي ان پار لڳا۔ حضرت سيدُنا سَهم بن مِنجَاب رَضِى الله تَعَالٰى عَنْه فرمائن ٿا: پوء اسان گھوڙن تي سوار سمنڊ ۾ ٽپو ڏنو ۽ پاڻي اسان جي گھوڙن جي زِين تائين به نه پهتو ۽ اسان دشمنن تائين پهچي وياسين۔ (اللہ والوں کی باتیں، ۱/۵۱تا۵۲، ملتقطاً)

 

حضرت سيدُنا عبدُ الله بن مسعود رَضِى الله تَعَالٰى عَنْه کان مروي هڪ حديثِ پاڪ ۾ نبي ڪريم، رؤفٌ رحيم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  الله عَزَّوَجَلَّ جي ولين جو شان بيان ڪندي ارشاد فرمايو: انهن جي ڪري الله عَزَّوَجَلَّ ماڻهن کي زندگي ۽ موت عطا ڪري ٿو، انهن جي طفيل برسات ٿيندي، فصل ٿئي ٿو ۽ انهن جي بدولت مصيبتون پري ٿينديون آهن۔ حضرت سيدُنا عبدُالله بن مسعود رَضِى الله تَعَالٰى عَنْه کان پڇيو ويو: انهن جي سبب ماڻهن کي زندگي ۽ موت ڪيئن ملندو آهي؟ فرمايائين ان ڪري جو ”هو الله عَزَّوَجَلَّ کان اُمت جي گھڻائي جو سوال ڪندا آهن ته ان ۾ اضافو ڪيو ويندو آهي ۽ ظالمن جي خلاف دعا ڪندا آهن ته انهن کي نيست ۽ نابود ڪيو ويندو آهي۔ برسات طلب ڪندا آهن ته برسات ڏني ويندي آهي ۔ نباتات جي اُڳڻ جو سوال ڪندا آهن ته زمين انهن جي لاءِ فصل اڳائيندي  آهن۔ هو دعا ڪندا آهن ته مختلف قسم جون مصيبتون انهن جي دعا جي ڪري پري ڪيون وينديون آهن۔ (تاریخ مدینۃ دمشق لابن عساکر،باب ان بالشام یکون الابدال الذین…الخ،۱/۳۰۳)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ٻڌو اوهان ته الله عَزَّوَجَلَّ پنهنجن ولين کي ڪهڙو مقام