Auliya Allah Ki Shan

Book Name:Auliya Allah Ki Shan

تمہارا فضل ہے جو میں غلامِ غوث و خواجہ ہوں

نہ ہوکم اولیاء کی دِل سے اُلفت یارسولَاللہ

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                        صَلَّي الله تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

حضرت سَيدُنا عمرفاروقِ اعظمرَضِى الله تَعَالٰى عَنْه کان روايت آهي ته رسولُ الله
صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو: بيشڪ الله عَزَّوَجَلَّ جي ٻانهن مان ڪجھ اهڙا آهن جيڪي نه انبياء آهن نه شُهدَاء، پر قيامت جي ڏينهن الله عَزَّوَجَلَّ جي بارگاھ ۾ انهن جو مقام ۽ مرتبو ڏسي انبياء عَلَيهمُ الصَّلٰوةُ وَالسَّلَام ۽ شهيد رَحْمَةُ اللّٰه تَعَالٰي عَلَيهمْ رشڪ ڪندا۔ ماڻهن عرض ڪيو ته يارسُولَ الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! اسان کي ٻڌايو ته اهي ڪير هوندا؟ ارشاد فرمايائون ته هي اهي ماڻهو هوندا جيڪي هڪ ٻئي سان الله عَزَّوَجَلَّ جي محبت جي ڪري محبت ڪري رهيا هوندا (جڏهن ته) انهن جي وچ ۾ نه ته رشتيداري هوندي ۽ نه ئي مال جي لين دَين جو ڪو معاملو، خدا جو قسم! انهن ماڻهن جا چهرا (قيامت جي ڏينهن) نور هوندا ۽ يقيناً هي ماڻهو نُور کان مٿي هوندا ۽ جڏهن سڀئي ماڻهو خوف زده هوندا، ان وقت هي ماڻهو بي خوف هوندا ۽ جڏهن ماڻهو غمگين هوندا ته هنن ماڻهن کي ڪو غم نه هوندو۔ (مشکاۃالمصابیح،کتاب الآداب،باب الحب فی اللہ...الخ،۲/۲۱۹،حدیث:۵۰۱۲)

اهڙي طرح هڪ ٻي روايت ۾ ارشاد فرمايو: اهي مختلف شهرن ۽ قبيلن کان تعلق رکندا هوندا، انهن جي وچ ۾ ڪا رشتيداري نه هوندي، اهي الله عَزَّوَجَلَّ جي لاءِ پاڻ ۾ محبت ۽ دوستي رکندا هوندا، الله عَزَّوَجَلَّ قيامت جي ڏينهن نُور جا منبر وڇائي انهن کي ان تي ويهاريندو، انهن جا چهرا نور بار ۽ ڪپڙا نور جا هوندا، قيامت جي ڏينهن ماڻهو گھٻراهٽ ۾ مبتلا هوندا پر هو نه گھٻرائيندا، اهي الله عَزَّوَجَلَّ جا ولي آهن جنهن تي نه ته ڪو خوف هوندو، نه ئي ڪجھ غم۔ (مسندامام احمد ، ۸/۴۵۰،حدیث: ۲۲۹۶۹)