Book Name:Buzurgan e Deen Ka jazba e Islah e Ummat
ٿا: عِنْدَ ذِکرِ الصّٰلِحِينَ تَنَزَّلُ الرَّحْمَۃُ يعني نيڪ ماڻهن جي ذِڪر وَقت رَحمتِ اِلٰهي لهندي آهي۔ (حليۃ الاولياء، سفيان بن عيينه،۷/ ۳۳۵ ،رقم:۱۰۷۵۰) جڏهن نيڪ ٻانهن جي تَذڪرن تي رَحمتن جو نُزول ٿيندو آهي ته جتي الله عَزَّ وَجَلَّ ۽ ان جي رَسُول صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو ذِڪرِ خَير ٿيندو اتي رَحمتون ڇو نه نازِل ٿينديون ۽ جتي ڇماڇم رَحمتون وسي رهيون هونديون اتي دُعائون ڇو قَبُول نه ٿينديون۔ اچو! تَرغِيب لاءِ هفتيوار اِجتِماع ۾ حاضِري جي هڪ مَدَني بَهار ٻڌو ۽ اِجتِماع ۾ پابندي سان حاضِري ڏيڻ جي نِيت ڪيو:
مَسخري جي تَوبَه
مَرڪزُ الاَولِيا لاهور جي هڪ اِسلامي ڀاءَ جي بيان جو خُلاصو آهي ته مان بي فِڪري ۽ بيباڪ طبيعت جو مالِڪ هئس، گُناهن ۽ غَفلتن جي وادِين ۾ گُم ھئس۔ ٽِفن وڄائي ٻارن وارا گيت گائڻ ۽ نقل ڪرڻ جي مُعامَلي ۾ سڄي خاندان ۾ مَشهور هئس۔ شادِي ۽ ٻين تَقرِيبن ۾ مزاحِيه چُٽڪلا ۽ فِلمي غَزل ٻڌائڻ، گانا ڳائڻ، بي ڍَنگي اَنداز ۾ ناچ ڪرڻ ۽ طرح طرح جي نَخرن سان ماڻهن کي کلائڻ منهنجو مَحبوب مَشغلو هو، اِسڪول جي زماني ۾ هڪ باعِمامه اِسلامي ڀاءُ اَڪثَر وڏي ڀاء سان مِلڻ ايندو هو، هڪ ڏينهن منهنجو تَعَارُف ڪرايو ته انهن مونکي دعوتِ اِسلامي جي هفتيوار سُنَّتن ڀري اِجتِماع جي دَعوَت پيش ڪئي۔ مان انهن جي دَعوَت تي سُنَّتن ڀري اِجتِماع ۾ پهتس، مون کي تمام سٺو لڳو، ان ڪري مون پابندي سان وڃڻ شُرُوع ڪري ڇڏيو۔ اَلْحَمْدُ لِلّٰه عَزَّوَجَلَّ مون نَمازن جي پابندي شُروع ڪئي۔ آهستَي آهستَي عِمامَو شريف به سَجي ويو، جنهن تي گھر جي ڪن ڀاتين سَختي سان مُخَالَفَت ڪئي، ايستائين جو ڪڏهن ڪڏهن مَعَاذَ الله عَزَّوَجَلَّ عِمامو شريف ڇڪي لاٿو ويندو هو، دَرس ڏيڻ کان روڪيو ويندو هو، زُلف رکيا ته گھر وارن زَبَردَستي ڪٽرائي