Buzurgan e Deen Ka jazba e Islah e Ummat

Book Name:Buzurgan e Deen Ka jazba e Islah e Ummat

حَياء لاهي ڇڏيو آهي، ضَرورتن جي پورائي ۽ سَهولتن جي حصول جي حد کان وڌيڪ جِدّوجُهد مُسَلمانن جي وڏي تعداد کي آخِرت جي فڪر کان بِالڪل غافِل ڪري ڇڏيو آهي، ٿورو سوچيو! جَهنَّم ۾ وٺي وڃڻ وارن عملن ۾ مَصرُوف رهڻ وارن کي جَنّت ۾ وٺي وڃڻ وارن عملن تي ڪير آمادَه ڪندو؟ اسان کي پاڻ ئي هڪ ٻئي جي اِصلاح جي ڪوشِش ڪرڻي پوندي، ’’نيڪي جي دَعوَت‘‘ جو جَذبو وڌائڻو پوندو، ان ڪري اِنفِرادي ڪوشِش کي پنهنجي عادَت بڻايو، ڇوته نيڪي جي دَعوت ۾ اِنفِرادي ڪوشِش جو گھڻو اَهمّ ڪردَار آهي۔

بُزُرگانِ دِين رَحْمَةُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيهمْ اَجْمَعِين به نيڪي جي دَعوَت جي لاءِ خُوب اِنفِرادي ڪوشِشون ڪيون آهن، جيئن

مُحَدِّثِ اَعظم پاڪستان رَحْمَةُ اللّٰه ِتَعَالٰى عَلَيه   جي اِنفِرادي ڪوشِش

مُحَدِّثِ اعظم پاڪستان حضرت علامه مولانا سردار احمد رَحْمَةُ اللّٰه ِتَعَالٰى عَلَيه مدينة الاولياء ملتان شريف ۾ هئا، ان دوران پاڻ رَحْمَةُ اللّٰه ِتَعَالٰى عَلَيه کان ٽي نوجوان بيعت ٿيا، پاڻ رَحْمَةُ اللّٰه ِتَعَالٰى عَلَيه انهن کي مَسلڪِ اهلسنت تي قائم رهڻ، ان جي تبليغ ڪرڻ، پنج ئي نمازون پابندي سان پڙهڻ جي تلقين فرمائي پوءِ انهن کي ڏاڙهي رکڻ ۽ مُڇون ڪٽڻ جو پياري انداز سان حڪم ڏنو ۽ فرمايو ته جيئن وِتر نماز کي واجب سمجھو ٿا ائين ڏاڙهي وڌائڻ به واجب سمجھو، هڪ مٺ ڏاڙهي رکڻ واجب آهي، ان جو خلاف ڪرڻ يعني گھٽ ڪرڻ تي گناهه ۽ عذاب ٿيندو، حضرت مُحَدِّثِ اعظم رَحْمَةُ اللّٰه ِتَعَالٰى عَلَيه جي پياري تلقين جو انهن تي گھرو اثر ٿيو انهن ڏاڙهي رکي ورتي، هاڻي اهي بِحمدهٖ تعالـٰي شريعت جا پابند ۽ وڏي وجاهت (يعني عزت) رکن ٿا۔    (حياتِ مُحدِّث اعظم،ص ۸۹)(نيڪي جي دعوت،ص۵۴۴۔۵۴۳)

سَرکار کا عاشِق بھی کِیا داڑھی مُنڈاتا ہے!

 

کیوں عِشْق کا چہرے سے اِظہار نہیں ہوتا

 

اَلْحَمْدُ لِلّٰه عَزَّوَجَلَّ اِنفِرادي ڪوشِش جهڙي پاڪيزه عَمَل جي نتيجي ۾ اسان کي