Buzurgan e Deen Ka jazba e Islah e Ummat

Book Name:Buzurgan e Deen Ka jazba e Islah e Ummat

ڇڏيا، ڏاڙھي اڃا نڪتي نه هئي پر سَجائڻ جي نِيت ڪري ورتي هئي۔ هنن تمام آزمائشن جي باوُجُود مَدَني ماحول جي ڪشِش ۽ عاشِقانِ رَسُول جو حُسنِ سُلُوڪ مون کي دعوتِ اِسلامي جي گھڻو ويجھو ڪندو ويو۔ مڪتبةُ المدينه تان جاري ٿيڻ وارن سُنَّتن ڀريل بَيانات جون ڪيسٽون ٻڌڻ سان تسلي ٿي ۽ حَوصَلو ملندو رهيو۔ اَلْحَمْدُ لِلّٰه عَزَّوَجَلَّ آهستي آهستي گھر ۾ به مَدَني ماحول بڻجي ويو۔

اے بیمارِ عِصیاں تُو آجا یہاں پر

 

گُناہوں کی دیگا دَوا مَدَنی ماحول

 

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                  صَلَّي الله تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! مُسَلمانن ۾ ”نيڪي جي دَعوَت“ عام ڪرڻ جي جيتري ضَرورَت اڄ آهي، شايد پهريان ڪڏهن نه هئي ڇوته اڄ مُسَلمانن جو وڏو تعداد بي عَمَلي جو شِڪار آهي، مدني مذاڪرن ۾ به اميرِ اهلسنّت دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه مُعاشري ۾ نِت نئين انداز سان تيزي سان ڦهلجڻ وارن گناهن جي نشاندهي ڪندي اُمّتِ مُسلمه ۾ نيڪي جي دعوت کي عام ڪرڻ جو جذبو بيدارڪرڻ جي لاءِ مدني گل عطا فرمائيندا رهندا آهن، نيڪيون ڪرڻ نَفس جي لاءِ بيحد دُشوار ۽ گُناھ ڪرڻ نهايت آسان ٿي چُڪو آهي، مَسجِدن جي وِيراني ۽ سينما گھرن ۽ ڊِراما گاهن جي رَونَق، دِين جو دَرد رکڻ وارن کي ڄڻ ته جھنجوڙي بيدار ڪري رهي آهي ته هن گھٽي ۾ به صداء مدينه ٿيڻ گھرجي، هتي به مدني دوري جي ضرورت آهي، هتي جي عاشقانِ غوثِ اعظم کي به مدرسة المدينه بالغان جي ذريعي تعليمِ قرآن جي زيور سان آراسته ڪرڻ جي ضرورت آهي، هن بازار ۾ به چوڪ درس ٿيڻ گھرجي، ڪاش! هن علائقي ۾ به مدني انعامات جو فيضان عام ٿئي، فُلاڻي علائقي/ ڳوٺ/ شهر ۾ به مدني قافلن جي آمد ٿيڻ گھرجي۔

موبائل، اِنٽرنيٽ جو غَلَط اِستِعمال ڪرڻ وارن ڄڻ ته پنهنجي اکين تان