Buzurgan e Deen Ka jazba e Islah e Ummat

Book Name:Buzurgan e Deen Ka jazba e Islah e Ummat

بي شمار دُنيوِي ۽ اُخرَوِي فَضيلتون ۽ برڪتون پڻ حاصِل ٿينديون آهن۔ اچو! تَرغِيب لاءِ 3 فَرمانِ مُصطَفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي انهن جي شرح سان گڏ ٻڌون ۽ پنهنجي اندر اِنفِرادي ڪوشِش جو جَذبو بيدار ڪرڻ جي ڪوشِش ڪيون:﴿1الله عَزَّوَجَلَّ جو قَسَم! جيڪڏهن الله تعاليٰ توهان جي ذَرِيعي ڪنهن هڪ کي به هدَايت ڏئي ڇڏي ته هي توهان جي لاءِ ڳاڙهن اٺن کان بهتر آهي۔ (مسلم ،ڪتاب فضائل الصحابۃ،باب من فضائل علي بن ابن طالب، ص۱۳۱۱،حديث :۲۴۰۶)

﴿2 جيڪو نيڪي جي راھ ڏيکاري ته ان جي لاءِ نيڪي ڪرڻ واري جيان ثَوَاب آهي۔ (مسلم،ڪتاب الامارۃ، باب فضل اعانۃ الغازي…الخ،ص۱۰۵۰،حديث: ۱۸۹۳)

﴿3جنهن هدَايت ۽ ڀلائي جي دَعوَت ڏني ته ان کي ان ڀلائي جي پَيرَوِي ڪرڻ وارن جي برابر ثواب ملندو (۽) انهن جي اَجَر ۾ ڪا ڪمي نه ٿيندي ۽ جنهن گُمراهي جي دَعوَت ڏني ان کي ان گُمراهي جي پَيرَوِي ڪرڻ وارن جي برابر گُناھ ٿيندو (۽) انهن جي گُناهن ۾ ڪا ڪمي نه ٿيندي۔ (مسلم،ڪتاب العلم، باب من سن حسنۃ…الخ ،ص۱۴۳۸،حديث:۲۶۷۴) مُفَسِّرِ شَهير، حڪيمُ الاُمَّت مُفتي اَحمد يار خان رَحْمَةُ اللّٰه ِتَعَالٰى عَلَيه فرمائن ٿا: جيڪڏهن ڪنهن جي  نيڪي جي دعوت سان هڪ لک (000،100) نمازي بڻجن ته ان مُبَلِّغ کي هر وَقت هڪ لک (000،100) نمازن جو ثَوَاب (عَطا) ٿيندو ۽ ان نمازين کي پنهنجي پنهنجي نمازن جو ثَوَاب، هن مان مَعلُوم ٿيو ته حُضُور (صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم) جو ثَوَاب مَخلُوق جي اَندازي کان وَرَاء ( يعني مٿانهون) آهي۔

 ربّ (عَزَّ وَجَلَّ) فرمائي ٿو: وَ  اِنَّ  لَکَ لَاَجۡرًا غَیۡرَ  مَمۡنُوۡنٍ ۚ﴿۳﴾ (پ۲۹،القلم:۳)

                   (ترجموڪنزُالايمان: ۽ ضَرُور توهان لاءِبي انتها ثَواب آهي)

ائين ئي اهي مُصَنِّف جنهن جي ڪتابن مان ماڻهو هدايت ماڻي رهيا آهن قِيامت تائين لکن جو ثوَاب اُنهن کي پهچندو رهندو۔ (مرآۃ المناجيح،۱/۱۶۰)