Book Name:Ankhaun ka Tara Naam Muhammad

هر اسلامي ڀاءُ طاقت آهر وڌيڪ نه ته گهٽ ۾ گهٽ ٻارهن رپين جا مڪتبة المدينه جا شايع ٿيل رسالا ۽ مدني گلن جا مختلف پمفليٽ ميلاد جي جلوس ۾ ورهائي ۽ اسلامي ڀينرون به تقسيم ڪرائنـ اهڙي طرح سڄو سال اجتماعن ۾ لنگرِ رسَائل جو اهتمام فرمائي ڪري نيڪي جي دعوت جون ڌومون مچايوـ شادي غمي جي موقعن تي ۽ مرحومن جي ايصال ثواب جي خاطر به “لنگر رسائل” هلايو ۽ ٻين مسلمانن کي به ان جي ترغيب ڏياريو ـ

 بانٹ کر  مَدَنی  رسائل  دِین کو پھیلائیے

کرکے راضی حق کو حقدارِ جِناں بن جائیے

 

 سگِ مدينه جو لکيل پمفليٽ “جشنِ ولادت جا١٢مدني گل” ممڪن هجي ته ١١٢ نه ته گهٽ ۾ گهٽ ١٢ عدد ۽ ٿي سگـهي ته رسالو “صبحِ بهاران” ١٢ عدد ﻣﻜﺘﺒﺔالمدينه تان هديو ڏئي حاصل ڪري ورهايو، خصوصاً انهن تنظيمن جي سربراهن تائين پهچايو جيڪي جـشن ولادت جون ڌومون مچائيندا آهن. ربيع الاول شريف جي دوران ١٢٠٠ روپيا، جيڪڏهن هي نه ٿي سگهي ته ١١٢ روپيا ۽ اهي به نه ٿي سگهي ته ١٢ رپيا (بالغ اسلامي ڀائر ) ڪنهن سني عالم کي پيش ڪن، جيڪڏهن پنهنجي مسجد جي امام، مؤذن يا خادمن ۾ورهائي ڇڏيو تڏهن به ٺيڪ آهي، بلڪ هيءَ خدمت هر مهيني جاري رکڻ جي نيت ڪيو ته مدينه مدينه. جُمُعه جي ڏينهن ڏيو ته بهتر جو جُمعه تي هر نيڪي جو ثواب سَتَر ڀيرا وڌيڪ ملندو آهيـ الحمدللهعَزَّ وَجَلَّ سنتن ڀريي بيان جي ڪيسٽ ٻـڌي ڪري ڪيترن ئي ماڻـهن جي اصلاح ٿي وڃڻ جا واقعا آهن. توهان مان به ڪي خوشنصيب اهڙا به هوندا جيڪي بيان جي ڪيسٽ ٻڌي مدني ماحول سان وابسته ٿيا هوندا، تنهنڪري اهڙيون ڪيسٽون ۽ VCDs ماڻهن تائين پهچائڻ