Book Name:Ankhaun ka Tara Naam Muhammad

اچي پئي ۽ جيئن ئي ربيع الاول شريف جو مهينو موڪلائي وڃي ته فوراً لاهي ڇڏيو، جيڪڏهن احتياط نه ٿو ٿي سگهي ۽ بي ادبي ٿيڻ جو انديشو هجي ته بنا نقش ۽ بنا لکت جا سادا ساوا جهنڊا لڳايو. (سگِ مدينهعفي عنه به حتي الامڪان پنهنجي مڪان بي نشان بنام “بيت الفنا” تي سادن مدني پرچمن جي ترڪيب ڪندا آهن

  نبی   کا   جھنڈا   لیکر نکلو   دُنیا   پر  چھا   جاؤ

نبی کا جھنڈا اَمْن کا جَھنڈا گھر گھر میں لہراؤ

 

 پنهنجي گهر تي ۱۲ جهالرن (يعني لڙهين) يا گهٽ ۾ گهٽ ۱۲ بلبن سان ۽ پنهنجي مسجد ۽ محلي ۾ به ۱۲ ڏينهن تائين خوب لائيٽنگ ڪيو (پر انهن ڪمن لاءِ بجلي چوري ڪرڻ حرام آهي. تنهن ڪري ان سلسلي ۾ بجلي فراهم ڪندڙ اداري سان رابطو ڪري جائز ذريعن جي ترڪيب بڻايو) سڄي علائقي کي سبز سبز جهنڊن ۽ رنگا رنگي بتين سان سينگاري ڪنوار بڻائي ڇڏيو. مسجد ۽ گهر جي ڇت ۽ چوڪ وغيره تي واٽ ويندڙن ۽ سوارين کي تڪليف کان بچائيندي ماڻهن جا حق ضايع ڪرڻ کان بغير فضا ۾ لڙڪندڙ 12 ميٽر يا ضرورت مطابق سائيز جا وڏا جهنڊا لڳايو، وچ رستي تي جهنڊا نه هڻو جو ان سان ٽريفڪ جو نظام متاثر ٿيندو آهي، ۽ گهٽيءَ وغيره ڪٿي به اهڙي سجاوٽ نه ڪيو جنهن سان مسلمانن جو رستو سوڙهو ٿيڻ ۽ انهن جي حق تلفي ۽ دل آزاري جو سبب ٿئي.

 مَشرق ومَغرب میں اک اک بامِ کعبہ پر بھی ایک

نَصب پرچم ہوگیا ، اَھْلاً وَّ سَھْلاً مرحبا

(وسائلِ بخشش مُرمّم،ص۱۴۶)