Book Name:Ankhaun ka Tara Naam Muhammad

دين جي عظيم خدمت ۽ گهڻي ثواب جو سبب آهي ته جنهن کان ٿي سگهي هـفتي ۾نه ته مهيني ۾ گهٽ ۾گهٽ١٢ آڊيو يا ويڊيو ڪيسٽون بيان جون ضرور کپائي، مالدار اسلامي ڀائر جيڪڏهن مفت ورهائن ته مدينه مدينه ـ جشن ولادت جي خوشيءَ ۾ بيان جون ڪيسٽون ۽ VCDs خوب ورهايو ۽ دين جي تبليغ ۾ حصو وٺوـ شادين جي موقعي تي ڪارڊ سان گڏ رسالو ۽ ٿي سگهي ته بيان جي ڪيسٽ يا VCDs به وجهي ڇڏيوـ عيد ڪارڊن جي رواج کي ختم ڪري ان جي جاءِ تي به اهو ئي رائج ڪيو ته جيئن جيڪا رقم خرچ ٿئي ان سان دين جو به فائدو ٿئيـ مون کي ماڻهو قيمتي ڪارڊ موڪليندا آهن ان سان دل خوش ٿيڻ بدران ڏکندي آهيـ ڪاش! عيد ڪارڊ تي خرچ ٿيڻ واري رقم دين جي ڪمن ۾ خرچ ڪئي وڃي ها! ان تي لڳل افـشان (يعني چمڪدار پائوڊر) سان ڏاڍي پريشاني ٿيندي آهي ـ

 اُنکے در پے پلنے والا اپنا آپ جواب

کوئی غریب نواز تو کوئی داتا لگتا ہے

وڏي شهر ۾ هر علائقي مشاورت جا نگران (ڳوٺن وارا ڳوٺن ۾)١٢ ڏينهن تائين روزانو مختلف مسجدن ۾ عظيم الشان سنتن ڀريا اجتماعات منـعقد ڪن (ذميدار اسلامي ڀينرون گهرن ۾اجتماعات فرمائن) ربيع الاول شريف جي دوران ٿيڻ وارن تمام اجتماعن ۾ جن کان ٿي سگهي اهي سبز جهنڊا گڏ کڻي اچن ـ

 لَب پر نعتِ رسولِ اَکرم ہاتھوں میں پرچم

دیوانہ  سَرکار  کا   کتنا    پیارا    لگتا    ہے