Ham Dartay Kiun Nahi?

Book Name:Ham Dartay Kiun Nahi?

شين کان زِينت حاصل ڪندا هئا۔ ۽ مون هڪ بدبودار کڏ ڏٺي جنهن ۾ گوڙ ۽ شور هو، مون چيو: هي ڪير آهن؟ ته ٻڌايائين: هي اهي عورَتون آهن جيڪي ناجائز شين کان زِينت حاصل ڪنديون هيون۔ (تاريخِ بغداد،۱/۴۱۵)

   مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ڊڄي وڃو! ۽ رب عَزَّوَجَلَّ جي بارگاھ ۾ توبه ڪريو ڪٿي ائين نه ٿئي ته فيشن ڪندي ڪندي اسان جي زندگي به ختم ٿي وڃي ۽ اسان سان به الله نه ڪري ائين ٿئي۔ افسوس صد افسوس! هلندڙ زماني ۾ڪجهه نادان والدين پاڻ پنهنجن ٻارن کي فيشن ايبل بنائڻ جي لاءِ اهڙن اسڪولن، ڪاليجن ۾ تعليم (Education) ڏياريندا آهن جتي دنيا جي رنگينين ۽ بي حيائي جي تعليم معاذالله وڏي اهتمام سان ڏني ويندي هجي جتي باقاعده ميوزڪ ۽ ڊانس جي ڪلاس لڳندي هجي، اهڙي ڪريل سوچ جا مالڪ ڪجهه نادان پنهنجي اولاد کي سنتن ڀري اجتماعن ۾ وڃڻ، ڏاڙھي رکڻ، نمازون پڙھڻ کان روڪيندا آهن ته اسان جو ٻار مولوي بڻجي ويندو، مٿي تي عمامو ٻڌي وٺندو، رات جو اُٿي تهجد پڙھڻ لڳندو، ٻين مسلمانن کي نيڪيءَ جي دعوت ڏيڻ وارو بڻجي ويندو ۽ اسان تي به گناهن جون سموريون پابنديون لڳائي ڇڏيندو، هن معاشري ۾ جتي اهڙا نادان آهن ته دين جي معاملي ۾ پنهنجن ٻارن کي ظلم ۽ ستم جو نشانو بڻائيندا  اتي اڄ فتنن سان ڀرپور هن زماني ۾ به اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ اهڙا والدين به موجود آهن جيڪي شريعت جي حڪم تي پنهنجو مٿو جھڪائي همت ۽ حوصلي سان معاشري جي طعنن کي برداشت ڪندي اولاد جي اصلاح ۽ انهن جي اسلامي طريقي سان مدني تربيت ڪري پنهنجي ۽ ان جي آخرت بهتر بنائڻ جي لاءِ ڪوششون ڪن ٿا، اهو ئي سبب آهي ته ان مدني ذهن رکڻ وارن جي اولاد مان ڪو حافظِ قرآن ٿيندو آهي، ڪو قرآن جو قاري بڻجڻ جي سعادت ماڻيندو آهي، ڪو نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ وارو مبلغِ دعوتِ اسلامي بڻجندو آهي، ته ڪو عِلمِ دِين جي روشني ڦھلائڻ وارو عالمِ دين ۽ مفتي بڻجي اُمَّتِ محبوب جي شرعي رهنمائي ڪندو آهي۔ جنهن ماءُ پيء جا ٻار ان انداز سان دِين جي خدمت ڪري رهيا هجن اهي هن حقيقت سان بخوبي واقف هوندا ته ڊاڪٽر ۽ انجينئر