Ham Dartay Kiun Nahi?

Book Name:Ham Dartay Kiun Nahi?

ڏيڻ ناهي بلڪ صِنفِ نازُڪ (نازڪ جنس) کي بي وُقُوف بڻائي ان جي حُسن ۽ جَمَال کي پنهنجي مالي فائدن کي حاصل ڪرڻ جو ذرِيعو بڻائڻ آهي، جنهن جو مُظَاهرَو فيشن شَوز (Fashion Shows)، بِل بورڊز (Billboards) ۽ اِشْتِهارات (Advertisement) جي ذريعي سرِ عام ٿيندو آهي۔

اڄ اسلام جا دشمن عورت جي عزت ۽ پاڪدامني کي خراب ڪرڻ جي لاءِ ڪوڙي همدردي ظاهر ڪري بي حيائي کي فيشن، بي پردگيءَ کي مساوات،عورت جي عزت جي تحفظ جي باري ۾ جيڪي شريعت جا احڪام بيان ٿيا ان کي ”قيد“
سمجهي ڪري پردي جي متعلق اسلامي احڪامن جي خلاف ورزيءَ کي آزادي ۽ عورت کي هَوَس ڀريل نگاهن سان ڏسڻ کي ترقي قرار ڏئي عورتن جي حقن جي ڳالهه ڪن ٿا. ياد رکو هَوَس جي انهن پوجارين جي مثال انهن بکايل بگهڙن وانگر آهي جن ٻڪرين جي حق ۾ جلوس ڪڍيو ته ٻڪرين کي آزادي ڏيو،ٻڪرين جا حق ماريا پيا وڃن،انهن کي گهرن ۾ قيد ڪري رکيو ويو آهي. اهو ٻڌي کوڙ ساريون جوان ۽ جذباتي ٻڪريون بگهڙن کي پنهنجو همدرد سمجهڻ لڳيون ۽ انهن وانگر ڳالهائڻ لڳيون هڪ عقلمند پوڙهيءَ ٻڪريءَ انهن کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي ته بگهڙَ اسان جا دشمن آهن، انهن جي ڳالهين ۾ نه اچو چارديواري ۾ جيڪو توهان کي تحفظ حاصل آهي آزادي ملندي ئي ان کي شديد خطرا سامهون ايندا پر نوجوان ٻڪرين ان جي ڳالهه نه ٻڌي ۽ پنهنجي خيرخواهه کي دشمن سمجهي ڪري آزادي آزادي جا نعرا لڳائڻ شروع ڪري ڏنا مالڪ مجبور ٿي
ڪري انهن کي آزاد ڪري ڇڏيو. ٻڪريون تمام گهڻيون خوش ٿيون ۽ ڊوڙندي چارديواري مان ٻاهر نڪتيون پر اهو ڇا! اڃان ته آزادي جي هوا ۾ چڱي طرح ساهه به نه کنيو هو ته بگهڙن حملو ڪري انهن کي چيري ڦاڙي ڇڏيو.

   سکڻ جو مدني گل: مسلمان عورتن کي گهرجي ته حقيقت جي عڪّاسي ڪندڙ هن فرضي حڪايت کي نظر انداز نه ڪن ۽ اسلام انهن کي عزت ۽ آبرو جي حفاظت جي لاءِ چادر جي صورت ۾ جيڪو خيمو ۽ چار ديواري جي صورت ۾