Book Name:Imam e Azam Ki Zahana
هڪ ڀيري انهن وٽ ڪجھ سامان موڪلڻ وقت فرمايائون: اي حَفص! فلاڻي ڪپڙي ۾ ڪجھ عيب آهي. جڏهن تون ان کي وڪرو ڪرين ته عيب بيان ڪري ڇڏجان. حضرت سَيِّدُنا حَفص رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جن مالِ تجارت وڪرو ڪري ڇڏيو ۽ وڪرو ڪرڻ وقت عيب ٻڌائڻ ياد نه رهيو ۽ هي به ياد نه رهيو ته ڪنهن کي وڪرو ڪيو آهي. جڏهن امامِ اَعظم رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه کي خبر پئي ته پاڻ سڀني ڪپڙن جي قيمت صَدَقو ڪري ڇڏيائون. (تاريخ بغداد،باب مناقب ابي حنيفة ، ۱۳/۳۵۶)
بے مثال آپکا ہے تَقْویٰ، توبے مثال آپکا ہے فَتْویٰ
ہیں علم و تَقْویٰ کے آپ سنگم، امامِ اعظم ابوحنیفہ
(وسائلِ بخشش مرمم، ص۵۷۳)
صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد
اي امامِ اعظم جي محبت جي دعويٰ ڪرڻ وارا اسلامي ڀائرو! ياد رهي ته هر عاقل، بالغ، مسلمان تي ٻين فرضن سان گڏوگڏ پنهنجي ضرورت جا مسئلا سکڻ فرض، لازم ۽ ضروري آهي۔ واپارين کي گھرجي ته پنهنجي ضرورت جا مسئلا عالم سڳورن کان سکن، مدني چينل جو علمِ دِين سان مالا مال سلسلو "احڪامِ تجارت" هر آچر تي بعدِ مغرب مدني چينل تي براه راست(Live) ٿيندو آهي، اهو سلسلو پابندي سان ڏسڻ جو معمول بڻايو، هن جي برڪت سان واپار بابت کوڙ مسئلن جي ڄاڻ حاصل ٿيندي۔
هاڻي اسان جيڪو واقعو ٻڌو ان ۾ آهي ته حضرت سَيدُنا امامِ اَعْظم ابُوحنيفه رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي واپار ۾ شريڪ ڀائيوار (Busines partner) ڀُل ۾ عَيب دار شيء وڪڻي ڇڏي، ته حضرت امام اعظم ابوحنيفه رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه ان جي تمام قيمت صَدَقو ڪري ڇڏي۔ پر اَفسوس! صَد اَفسوس! ٭ اسان جي مُعاشَري ۾ ڪڏهن ڪڏهن ڀُل ۾ نه بلڪ ڄاڻي واڻي خريد و فروخت ۾ ٻين کي ڌوڪو ڏنو ويندو آهي۔ ٭ اسان جي مُعاشَري ۾ ڪوڙا قسم کڻي ٻين کي ڌوڪو ڏنو