Imam e Azam Ki Zahana

Book Name:Imam e Azam Ki Zahana

ويندو آهي۔ ٭ اسان جي مُعاشَري ۾ عيب دار شيء جا عَيب لڪائي ٻين کي ڌوڪو ڏنو ويندو آهي۔ ٭ اسان جي مُعاشَري ۾ خراب شيء کي سڀ کان اعليٰ ۽ عمده ٻڌائي ٻين کي ڌوڪو ڏنو ويندو آهي۔ ٭ اسان جي مُعاشَري ۾ ٻين جي مجبورين مان فائدو کڻي انهن کي ڌوڪو ڏنو ويندو آهي۔ ٭ اسان جي مُعاشَري ۾ سٺي شيء ڏيکاري پوءِ هلڪي شيء ڏئي ٻين کي ڌوڪو ڏنو ويندو آهي۔ ٭ اسان جي مُعاشَري ۾ ماپ تور ۾ ڪمي ڪري ٻين کي ڌوڪو ڏنو ويندو آهي۔ اسان جي اَخلاقي حالت ته ايتري قدر تباھ ٿي چڪي آهي جو جيڪڏهن دڪان تي ويهڻ وارو اسان جو ٻار ڌوڪي وغيره سان ڪا شيء وڪڻڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي ته ان کي هڪ شاندار ڪارنامو سمجھيو ويندو آهي۔ ٻار کي شاباش ڏني ويندي آهي، ان جي پٺي ٿپڪائي ويندي آهي ۽ هن طرح جا جُملا چوندا آهن ته پٽ هاڻي تون به سکي ويو آهين، تو کي ڪاروبار ڪرڻ اچي ويو آهي، تون سمجھدار ٿي ويو آهين وغيره ۔ جڏهن ته اهڙي موقعي تي ته ٻار کي اهو سيکارڻ گھرجي ته پٽ ڪوڙ ڳالهائي ڪاروبار ناهي ڪبو، پٽ ٻين کي ڌوڪو ڏئي ڪاروبار ناهي هلائبو، پٽ ڏيتي ليتي ۾ ڪوڙا قسم ناهن کڻبا، پٽ ٻين کي ناهي ٺڳبو، وغيره وغيره۔ پر پيسو ڪمائڻ جي لالچ صحيح ۽ غلط جي فرق کان بي پرواھ (Independent) ڪندي آهي، پيسو ڪمائڻ جي لالچ حلال ۽ حرام جو فرق مٽائيندي آهي، پيسو ڪمائڻ جي لالچ الله پاڪ جي ياد کان غافل ڪندي آهي، پيسو ڪمائڻ جي لالچ  نمازِ باجماعت کان غافل ڪندي آهي، پيسو ڪمائڻ جي لالچ تلاوتِ قرآن کان غافل ڪندي آهي۔ پيسو ڪمائڻ جي لالچ ڪوڙ ڳالهائڻ تي مجبور ڪندي آهي، پيسو ڪمائڻ جي لالچ ڌوڪو ڏيڻ تي اُڀاريندي آهي، جڏهن ته ڌوڪو ڏيڻ واري کي هن حديثِ پاڪ تي به غور ڪرڻ گھرجي ته صادق ۽ امين آقا، محسن ۽ ڪريم آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو: لا يُؤْمِنُ اَحَدُكُمْ حَتّٰي يُحِبَّ لِاَخِيْهِ مَا يُحِبُّ لِنَفْسِهٖ يعني توهان مان ڪو به ان وقت تائين ڪامل مومن نٿو ٿي سگھي، جيستائين پنهنجي ڀاءُ جي لاءِ اها شيء پسند نه ڪري جيڪا پنهنجي لاءِ پسند ڪندو آهي۔ (بخاری ،کتاب الایمان ، باب من الایمان ان یحب لاخیه مایحب لنفسه،۱/۱۶، حدیث:۱۳)