Book Name:Qiyamat Ki Alamaat

۲۵۰۴) مُفسّر شهير، حڪيم الاُمّت، حضرت مفتي احمد يار خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: يعني جيئن ديوار ۽ پردو ماڻهن جي لاءِ اوٽ (يعني آڙ) بڻجي ٿو ائين ئي الله پاڪ جو ذڪر جنّن جي نگاهن کان اوٽ بڻجندو ته جيئن جنّ ان جي شرمگاھ کي ڏسي نه سگھن. (مرآۃ المناجیح،۱/ ۲۶۸) ٭ جيڪو شخص ڪپڙو پائي ۽ پڙهي: اَلْحَمْدُلِلّٰہِ الَّذِیْ کَسَانِیْ ھٰذَا وَرَزَقَنِیْہِ مِنْ غَیْرِحَوْلٍ مِّنِّیْ وَلَا قُوَّۃٍ  ته ان جا اڳيان پويان گناهه معاف ٿي ويندا. (شُعَبُ الْاِيمان ج۵ ص۱۸۱ حديث۶۲۸۵) جيڪو قدرت باوجود سٺا ڪپڙا پائڻ تواضُع (يعني عاجزي) جي ڪري ڇڏي ڏي الله پاڪ ان کي قيامت جي ڏينهن ڪرامت جو حُلّو (يعني لباس) پارائيندوـ (ايضاً ص 326 حديث 4778) ٭ لباس حلال ڪمائي مان هجي ۽ جيڪو لباس حرام ڪمائي مان حاصل ٿئي ان ۾ فرض ۽ نفل ڪا نماز قبول ناهي ٿيندي (اَيضاً ص ۱۴) ٭ پائڻ مهل ساڄي پاسي کان شروع ڪيو (جو سنت آهي) مثلاً جڏهن ڪُرتو پايو ته پهرين آستين ۾ ساڄو هٿ داخل ڪيو پوءِ کاٻو هٿ کاٻي آستين ۾ (اَيضاً۴۳) ٭ اهڙي طرح پاجامو پائڻ مهل پهرين ساڄي پانچي ۾ ساڄو پير داخل ڪيو ۽ جڏهن (ڪُرتو يا پاجامو) لاهيو ته ان جو خلاف يعني کاٻي پاسي کان شروع ڪيو٭مرد مردانو ۽ عورت زنانو ئي لباس پائي ـ ننڍن ٻارن ۽ ٻارڙين ۾ به هن ڳالهه جو لحاظ رکو ٭ دعوت اسلامي جي اشاعتي اداري مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل 1250 صفحن تي مشتمل ڪتاب ”بهار شريعتجلد 1 صفحي 481 تي آهي: مرد جي لاءِ دُن کان هيٺ کان گوڏن جي هيٺ تائين عورت آهي يعني ان جو ڍڪيل هجڻ فرض آهي، دُن هن ۾ داخل ناهي ۽ گوڏا داخل آهن. ٭ تڪبّر جي طور جيڪو لباس هجي اهو ممنوع آهي ـ ۽ تڪبر آهي يا نه ان جي سڃاڻپ ائين ڪري جو ان ڪپڙن جي پائڻ کان پهرين پنهنجي جيڪا حالت ڏسي ٿي جيڪڏهن پائڻ کان پوءِ به اها ئي حالت آهي ته خبر پئي ان ڪپڙن ۾ تڪبّر پيدا نه ٿيوـ جيڪڏهن اها حالت باقي نه رهي ته تڪبر اچي ويو، تنهن ڪري اهڙن ڪپڙن کان بچي جو تڪبر بُري صفت آهي. (بهارِ شريعت  ج۳ص۴۰۹ ،رَدُّالْمُحتارج ۹ ص ۵۷۹)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

طرح طرح جون هزارين سنتون سکڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل ڪتاب 312 صفحن تي مشتمل ڪتاب ”بهار شريعت“ حصو 16 ۽ 120 صفحن