Achi Aur Buri Mout

Book Name:Achi Aur Buri Mout

آسمان وارا ملائڪ چوندا آهن: مَرحَبَا! پاڪ روح جيڪو پاڪ جسم ۾ رهيو، اچ...! تون ساراھ لائق آهين، تنهنجي لاءِ راحت ۽ مسرَّت ۽ پاڪ رِزق جي خوشخبري آهي ۽ اهو ته تنهنجو رَبّ توکان ناراض نه آهي، هر آسمان جا ملائڪ هيئن چوندا رهندا، ايستائين جو اهو رُوح الله پاڪ جي بارگاھ ۾ حاضِر ڪيو ويندو آهي۔ (ابن ماجہ، کتاب :الزہد،باب:ذکر الموت،صفحہ:690، حدیث:4262)

اي عاشقانِ رسول! الله پاڪ جا پيارا نبي، رَسُولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ پنهنجي بيان جو سلسلو اڳتي وڌائيندي وڌيڪ ارشاد فرمايائون: ۽ جيڪڏهن بُرو انسان هجي ته ملائڪ چوندا آهن: اي خبيث رُوح جيڪو خبيث جسم ۾ رَهين، نڪر! نڪر...! تون مَذَمَّت ۽ ملامت جو حق دار آهين، تنهنجي لاءِ ٽهڪندڙ پاڻي، پونء ۽ ان جھڙن ٻين عذابن جي بِشَارت آهي۔ ملائڪ اهو ئي چوندا رهندا آهن، ايستائين جو رُوح جسم مان جُدا ٿي ويندو آهي، پوءِ ان کي آسمان ڏانهن کنيو ويندو آهي، آسمان جي دروازن تي دستڪ ڏنو ويندو آهي، آسمان وارا پڇندا آهن: اهو ڪير آهي؟ ملائڪ چوندا آهن: فُلاڻو آهي ته ان تي آسمان جا ملائڪ چوندا آهن: ان جي لاءِ مَرحَبَا نه آهي، اهو خبيث رُوح آهي جيڪو خبيث جسم ۾ رهيو، ملامت ڪيل موٽي وڃ، ان جي لاءِ آسمان جا دروازا نه کوليا ويندا۔ پوءِ ان کي آسمان تان اڇلايو ويندو ايستائين جو قبر (يعني مقامِ سِجِّين جيڪو ستن زمينن هيٺ آهي اتي) پهچي ويندو آهي۔ (ابن ماجہ، کتاب :الزہد،باب:ذکر الموت،صفحہ:690، حدیث:4262)

   (2): نَسَائي شريف جي حديثِ پاڪ آهي، الله پاڪ جي آخري نبي، مڪي مدني صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: جڏهن مؤمن جي موت جو وقت ايندو آهي ته رحمت جا ملائڪ سفيد ريشم کڻي ايندا آهن، چوندا آهن: (اي رُوح) نڪر! تون الله کان راضِي، تنهنجو رَبّ توکان راضِي، الله پاڪ جي طرفان راحتِ رُوحاني، پاڪيزه رِزق واري ٿي، ۽ پنهنجي رَبّ ڏانهن هَل، هو تو سان راضِي آهي۔ پوءِ رُوح