Book Name:Qabren Pegham-e-Fana Deti Hain
امام اَبُو اللَّيث سمر قندي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه لکن ٿا: گذريل قومن ۾ هڪ شخص هو، ان گھڻا گُنَاھ ڪيا هئا، هڪ ڀيري ان پنهنجي اڳوڻي زِندگي بابت سوچيو، گُنَاهن بابت غور و فِڪر ڪيائين ته ان کي شرمساري ٿي، ان پشيمان ۽ شرمسار ٿئي ڪري 3 ڀيرا چيو: اَللّٰهُمَّ غُفْرَانَڪَ، اَللّٰهُمَّ غُفْرَانَڪَ، اَللّٰهُمَّ غُفْرَانَڪَ موليٰ! تنهنجي بخشش... اِلٰهي! تنهنجي بخشش، اي الله پاڪ! تنهنجي بخشش۔ انهيء لمحي ان کي موت اچي ويو ۽ الله پاڪ ان جي بخشش فرمائي ڇڏي۔([1])
تُو بےحساب بخش کہ ہیں بےشُمار جرم دیتا ہوں واسطہ تجھے شاہِ حجاز کا
حضرت مڪحُول رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: جڏهن الله پاڪ پنهنجي نبي حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام کي زمين ۽ آسمان جي بادشاهت ڏيکاري ته حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام ڌٺو، هڪ شخص بدڪاري ۾ مبتلا آهي، حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام ان جي خِلاف دُعا ڪئي، اهو شخص انهيء وقت هلاڪ ٿي ويو، وري پاڻ ڏٺائون؛ هڪ شخص چوري ڪري رهيو آهي، حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام ان جي خِلاف به دُعا گھري، اهو شخص به هلاڪ ٿي ويو۔
ان تي الله پاڪ فرمايو: اي ابراهيم! منهنجي ٻانهن کي ڇڏي ڏيو! بيشڪ منهنجا ٻانها 3 قسمن جا آهن: (1): هڪ ته اهو آهي جيڪو تَوبه ڪري وٺي ٿو، لهٰذا مان ان جي توبه قبول فرمائي ان جا گُنَاھ بخشي ڇڏيان ٿو (2): ٻيو اهو آهي جيڪو پاڻ ته تَوبه نٿو ڪري پر ان جو اَولاد نيڪ هوندو آهي جيڪو منهنجي عبادت ڪري ٿو (3): ٽيون اهو شخص آهي جو جنهن تي بدبختي غالِب اچي ويندي آهي، هو تَوبه جي طرف وڌندو ئي نه آهي، اهڙي شخص جو انجام جهنّم آهي۔([2])