Qabren Pegham-e-Fana Deti Hain

Book Name:Qabren Pegham-e-Fana Deti Hain

قبر ۾ ڪم ايندڙ چوٿون عمل: ذڪرِ الٰهي

پيارا اسلامي ڀائرو! فقيه ابو الليث سمر قندي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه قبر ۾ ڪم ايندڙ جيڪي 4 عمل ٻڌايا آهن، انهن مان چوٿون عمل آهي: ذِڪرُ الله جي ڪثرت ڪرڻ۔ هي به تمام پيارو، وڏي فضيلت وارو نيڪ عَمَل آهي۔ اسان جي آقا ۽ موليٰ، مُحَمَّد مُصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: جڏهن به ماڻهو ذِڪرُ الله جي لاءِ گڏ ٿيندا آهن ته ملائڪ انهن کي گھيري وٺندا آهن، الله پاڪ جي رحمت انهن کي آغوش ۾ وٺندي آهي ۽ انهن تي سڪينه نازِل ٿيندي آهي۔([1])

ذِڪرُ الله جي ڪثرت ڪرڻ جا گھڻا فائدا آهن، ذِڪر جي ڪثرت سان دِل ۾ نُور پيدا ٿيندو آهي۔ ڪثرتِ ذِڪر سان خُدا جو قرب ملندو آهي، ڪثرتِ ذِڪر سان گُنَاھ مٽجندا آهن، ڪثرتِ ذِڪر انبياءِ ڪرام عَلَيهِمُ السَّلَام جي سُنّت آهي۔ ڪثرتِ ذِڪر سان دِلين جو زِنگ پري ٿئي ٿو۔ ڪثرتِ ذِڪر سان دُنيا ۾ امن ملي ٿو ۽ ڪثرتِ ذِڪر سان قبر روشن ٿئي ٿي۔

الله پاڪ اسان کي ذِڪرُ الله جي ڪثرت ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي۔

 آمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ

قبر ۾ نقصان ڏيندڙ 4 عمل

پيارا اسلامي ڀائرو! هي 4 نيڪ عمل (نماز، صدقو، تلاوت ۽ ذِڪرُ الله جي ڪثرت، هي اهي عمل آهن جيڪي) قبر ۾ ڪم ايندا آهن، قبر روشن ڪندا آهن ۽ قبر جي عذاب کان بچائيندا اهن۔ فقيه ابو الليث سمر قندي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي بيان مطابق 4 بُرا عمل اهي آهن جيڪي قبر جي عذاب جو سبب آهن، جيڪو قبر ۾ سلامتي جو خواهش مند آهي، ان تي لازِم آهي ته انهن 4 چار گُنَاهن کان بچندو رهي۔


 

 



[1]...مسلم، کتاب الذکر و الدعا ، باب فضل الاجتماع علی تلاوۃ ، صفحہ:1039، حدیث:2700۔