Book Name:Qabren Pegham-e-Fana Deti Hain
تِلاوتِ قرآنِ ڪريم۔ قرآنِ ڪريم الله پاڪ جو ڪلام آهي۔ تِلاوتِ قرآن سان رحمت ملي ٿي۔ تِلاوت جي برڪت سان مصيبت ٽري ٿي۔ تِلاوت جي برڪت سان غم پري ٿين ٿا۔ تِلاوت ڪرڻ سُنّتِ مُصطفيٰ آهي۔ تلاوت ڪرڻ صحابه جو طريقو آهي۔ تِلاوت قيامت جي هولناڪي کان بچائي ٿي ۽ تِلاوت جي برڪت سان قبر روشن ٿئي ٿي، قبر جي عذاب ۽ وحشت کان نجات ملي ٿي۔
منقول آهي ته حضرتِ ثابِت بُناني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه روزانو هڪ قرآن پاڪ ختم فرمائيندا هئا۔ پاڻ ڏينهن جو روزو رکندا هئا ۽ سڄي رات قِيام (عبادت) ڪندا هئا، جنهن مسجد وٽان لنگهندا هئا ان ۾ ٻه رڪعتون ”تَحِيَّةُ المسجِد“ ضرور پڙهندا هئا۔ حضرت ثابِت بُناني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه کي نماز ۽ تِلاوت سان خصوصي محبت هئي، ان جي برڪت سان مٿن اهڙو ته ڪرم ٿيو جو رشڪ اچي ٿو، منقول آهي: جڏهن به ماڻهو سندن مزارِ پرانوار جي ويجهو کان گذرندا هئا ته قبر مبارڪ مان تلاوت جو آواز ٻڌڻ ۾ ايندو هو۔([1])
جَبیں میلی نہیں ہوتی دَھن میلا نہیں ہوتا غلامانِ محمد کا کفن میلا نہیں ہوتا
پيارا اسلامي ڀائرو! نيت ڪريو ته قبر جي وحشت ۽ تنهائي کان بچڻ ۽ نيڪيون ڪمائڻ جي لاءِ اسان به تِلاوتِ قرآن ڪنداسين۔ رمضان المبارڪ به اچڻ وارو آهي، هن ڀيري رمضان المبارڪ ۾ قرآنِ ڪريم مڪمل پڙهڻ جي نيت ڪريو! بلڪ هڪ ڇو؟ 5 قرآنِ ڪريم ختم ڪيو! امامِ اعظم رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه رمضان المبارڪ ۾ 61 قرآنِ ڪريم ختم ڪندا ها۔ جنهن کان ٿي سگھي امامِ اعظم
رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي پيروي ڪري۔ ڏينهن رات تِلاوت ۾ مَصروف رهي، اِنْ شَآءَ اللهُ الْڪَرِيم! برڪتون ئي برڪتون ٿينديون۔ رمضان المبارڪ اچڻ کان پهريان به تِلاوت ڪرڻي آهي، اڄ ئي کان تِلاوت شروع ڪريو۔ الله پاڪ اسان سڀني کي توفيق بخشي، ڪاش! قرآن ۽ تِلاوتِ قرآن سان اهڙي محبت ٿئي جو