Book Name:Kalima Taiyiba Ki Barkat
ڪيو ۽ منهنجي عرش جي سايي ۾ جڳھ ڏيو بيشڪ مان انهن کان محبت ڪيان ٿو.[1]
اي عاشقانِ رسول! ڪلمو شريف نهايت طاقتور وظيفو آهي، حديث پاڪ ۾ ان کي افضل ذڪر فرمايو ويو، جيئن ته رسول خدا، احمد مجتبيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: اَفْضَلُ الذِّكْرِ:لَا اِلٰهَ اِلَّا اللہُ وَ اَفْضَلُ الدُّعَاءِ: اَلْحَمْدُ لِلَّهِ يعني سڀني کان افضل ذڪر: ڪلمو شريف لَا اِلٰهَ اِلَّا اللہُ آهي ۽ سڀني کان افضل دعا: اَلْحَمْدُ لِلَّهِ آهي.
مشهور مفسر، حڪيم الامت، مفتي احمديارخان نعيمي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه هن حديث شريف جي وضاحت فرمائن ٿا: لَااِلٰهَ اِلَّا اللہُ مان مراد پورو ڪلمو شريف آهي يعني مُحَمَّدٌ رَّسُوْلُ اﷲ نه ته صرف لَا اِلٰہَ اِلَّا اللہُ ته ڪيئي مُوحّد ڪافر بلڪ ابليس به پڙهندو آهي، ان سان اهي مشرڪ ئي رهندا آهن مُوَحّد ناهن بڻبا. جنهن شيءِ سان مؤمن بڻجندا آهن اهو آهي مُحَمَّدٌ رَّسُوْلُ اﷲ ڇوته ڪلمي شريف سان ڪفر جي گندگي پري ٿيندي آهي. ان کي پڙهي ڪري ڪافر مؤمن ٿيندو آهي، ان کان دل جو زنگ پري ٿيندو آهي، ان کان غفلت ويندي آهي، دل ۾ بيداري ايندي آهي هي حمدِ اِلٰهي ۽ نعت مصطفوي جو مجموعو آهي انهي ڪري هي افضل الذڪر ٿيو. صوفياءِ ڪرام فرمائن ٿا ته دل جي صفائي جي لاءِ ڪلمو شريف نهايت مفيد آهي.[2]
ڪلمو شريف بارگا هِ الٰهي ۾ پهچي ويندو آهي
صحابي رسول حضرت انس بن مالڪ رَضِىَ اللهُ عَنْه کان روايت آهي، بيبي آمنه جي