Kalima Taiyiba Ki Barkat

Book Name:Kalima Taiyiba Ki Barkat

جهنم حرام ٿي ويندي آهي

حضرت عثمان بن مالڪ رَضِىَ اللهُ عَنْه کان روايت آهي، رسول رحمت، شفيع اُمّت صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: جيڪو ٻانهو صرف ۽ صرف الله پاڪ جي رضا جي خاطر لَا اِلٰہَ اِلَّا اللہُ  چوي، بيشڪ الله پاڪ ان تي دوزخ جي باھ حرام فرمائي ڇڏي ٿو.[1]

ڪلمو  شريف جنت جي چاٻي آهي

الله پاڪ جي آخري نبي   صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: مَنْ مَاتَ وَہُوَ یَعْلَمُ اَنَّہٗ لَا اِلٰہَ اِلَّا اللہُ دَخَلَ الْجَنَّۃِ يعني جيڪو هن حال ۾ مئو جو اهو ڄاڻي ٿو الله پاڪ کان سواءِ ڪوبه عبادت جي لائق ناهي ته اهو جنت ۾ داخل ٿيندو.[2] هڪ ٻي حديث شريف ۾ آهي: پياري آقا صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: ثَمَنُ الْجَنّۃِ لَااِلٰہَ اِلَّا اللہُ  يعني جنت جي قيمت لَااِلٰہَ اِلَّا اللہُ  آهي.[3]  هڪ روايت ۾ آهي: رسول اڪرم، نور مجسم صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ  فرمايو:
مَفَاتِیْحُ الْجَنَّۃِ شَہَادَۃُ لَااِلٰہَ اِلَّا اللہُ  يعني جنت جون چاٻيون لَااِلٰہَ اِلَّا اللہُ  جي گواهي ڏيڻ آهي.[4]

يعني جنت ۾ مختلف مقامات ۽ مختلف درجا آهن، هنن سڀني درجن جي چاٻي ڪلمو شريف آهي.[5]

آسمانن ۽ جنت جي چاٻي

مشهور ولي ڪامل حضرت بايزيد بسطامي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه هڪ سفر ۾ هئا، کيس  غيب مان آواز آيو: اي بايزيد! سمعان نالي شهر ۾ ڪافرن جي عبادت گاھ ۾ وڃ، اتان جي ڪافرن سان گڏ سندن عيد جي اجتماع ۾ شرڪت ڪيو! حضرت


 

 



[1] بخاری ،کتاب الاطمعۃ ،باب الخزیرۃ ،صفحہ:1383،حدیث:5401

[2] مسلم ،کتاب الایمان، باب الدلیل علی ان من  مات …الخ،صفحہ:35 ،حدیث:26

[3] مسندِ فردوس ،جلد:2،صفحہ:103 ،حدیث:2548

[4] مسندِ امام احمد ،جلد:9 ،صفحہ:151 ،حدیث:22736

[5] مراٰۃ المناجیح،جلد:1 ،صفحہ:62  ماخوذًا