Kalima Taiyiba Ki Barkat

Book Name:Kalima Taiyiba Ki Barkat

اُحد جبل جيترو ثواب

     حضرت عمران بن حُصَين رَضِىَ اللهُ عَنْه کان آهي، رسول اڪرم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: ڇا توهان طاقت نٿا رکو جو روزانو اُحد جبل جيترو عمل ڪيو، صحابه ڪرام رَضِىَ اللهُ عَنْهم عرض ڪيو: يارسول الله صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! اسان مان ڪير ايئن ڪري سگهي ٿو؟ فرمايائون: توهان سڀئي ان جي طاقت رکو ٿا. پوءِ فرمايائون: هڪ ڀيرو سُبْحٰنَ اللہ چوڻ اُحد جبل کان وڏو آهي، هڪ ڀيرو لَا اِلٰہَ اِلَّا اللہُ  چوڻ اُحد جبل کان وڏو آهي، هڪ ڀيرو  اَللہُ اَکْبَر چوڻ اُحد جبل کان وڏو آهي.[1]

پيارا اسلامي ڀائرو! اندازو لڳايو! ڪيترو ثواب آهي. هڪ ڀيرو سُبْحٰنَ اللہ! چوڻ ۾،  هڪ ڀيرو لَا اِلٰہَ اِلَّا اللہُ  چوڻ ۽ هڪ ڀيرو اَللہُ اَکْبَر  چوڻ  ۾ دير ئي ڪيتري لڳي ٿي ۽ ان جو ثواب ڪيترو آهي؟ اُحد جبل کان وڌيڪ...... پر افسوس! اسان کي فضول گوئي کان فرصت ملي ته ذڪر الله ڪيون..!!

وہ تو نہایت سَستا سودا بیچ رہے ہیں جنّت کا

ہم  مُفْلس  کیا  مَول  چُکائیں  اپنا  ہاتھ  ہی  خالی  ہے([2])

غم ۽ پريشاني کان نجات جو  وظيفو

   صحابي رسول حضرت عبدالله بن عباس رَضِىَ اللهُ عَنْه کان روايت آهي، بيبي آمنه جي لال، رسول بي مثال صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: جيڪو ٻانهو هي چئي: لَا


 

 



[1] سننِ کبریٰ للنسائی ،جلد:9 ،صفحہ:308 ،حدیث: 10604

[2]...حدائقِ بخشش ،صفحہ:186۔