Naik Amal Ke Dunyawi Faiday

Book Name:Naik Amal Ke Dunyawi Faiday

اَلْحَمْدُ لِلّٰہِ رَبِّ الْعٰلَمِیْنَ وَ الصَّلٰوۃُ وَالسَّلَامُ عَلٰی سَیِّدِ الْمُرْسَلِیْنَ ط

اَمَّا بَعْدُ فَاَعُوْذُ بِاللّٰہِ مِنَ الشَّیْطٰنِ الرَّجِیْمِ ط  بِسْمِ اللہِ الرَّحْمٰنِ الرَّ حِیْم ط

اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا رَسُولَ اللہ                                                                                       وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا حَبِیْبَ اللہ

اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا نَبِیَّ اللہ                                                       وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا نُوْرَ اللہ

نَوَيۡتُ سُنَّتَ الۡاِعۡتِكَافِ (ترجمو: مون سنّتِ اعتڪاف جي نيّت ڪئي)

دُرود شريف جي فضيلت

حضرت سفيان ثوري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: مان طواف ڪري رهيو هيس ان دوران هڪ شخص کي هر قدم  تي دُرُودِ پاڪ پڙھندي ڏٺو ته ان کان پڇا ڪيم: اي ڀاءُ!  طواف جي دوران پڙهڻ جون ٻيون دعائون ۽ اذڪار به آهن، انهن جي بدران دُرُودِ پاڪ جو وِرد ڪندا پيا وڃو، هن ۾ ڪهڙو راز آهي؟  ان جواب ۾ چيو: مان پنهنجي والدِ گرامي سان گڏ  بيتُ الله جي  حج جي ارادي سان نڪتس۔ سفر دوران منهنجو والد صاحب بيمار ٿي پيو، اُن جو چهرو ڪارو (Black) ٿي ويو، اکيون نيريون ٿي ويون ۽ پيٽ ڦوڪجي ويو هو، مون روئيندي هي پڙھيو:  اِنّالِلّٰه وَاِنَّا اِلَيه رَاجِعُوْنَ) پ۲، البقرة:۱۵۶) (ترجَموڪنزالايمان: اسان الله جي مِلڪ آهيون، ۽ اسان کي ان جي طرف موٽڻو آهي) (ٿوري دير کان پوءِ) انهيءَ ويراني ۾ منهنجي والد جو انتقال ٿي ويو، پوءِ مون ان جي چهري تي چادر وجهي ڇڏي۔ اوچتو مون تي ننڊ جو غَلَبو اچي ويو ۽ مان سمهي پيس، مون هڪ شخص کي ڏٺو ان کان وڌيڪ حسين وجميل ۽ صاف سٿري لباس وارو مون ڪڏهن نه ڏٺو هو۔ هو منهنجي والدِ محترم جي ويجهو تشريف کڻي آيا ۽ ان  جي چهري تان چادر هٽائي پنهنجو مبارَڪ هٿ چهري تي ڦيرڻ لڳا۔ ته ان جو چهرو کير کان وڌيڪ سفيد ٿي ويو۔ پوءِ ان شخص پيٽ تي هٿ ڦيريو ته اهو پهريان وانگر ٿي ويو، پوءِ هو موٽڻ لڳا ته مان بيهي رهيس ۽ مون ان جي چادر