Naik Amal Ke Dunyawi Faiday

Book Name:Naik Amal Ke Dunyawi Faiday

ڪيائين: يارسول الله  صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم ! فلاڻو شخص رات ۾ ته نماز پڙهندو آهي جڏهن صبح ٿيندي آهي چوري ڪندو آهي. پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: عنقريب ان  جو هي عمل ان کي چوري کان روڪي وٺندو.[1] 

 سُبْحٰنَ اللہ!  پيارا اسلامي ڀائرو! نماز جا 6 شرائط، 7 فرض، 30 واجبات، 92 سنتون ۽ ڪيئي باطني آداب آهن، جيڪڏهن اسان انهن سڀني جو لحاظ رکي ڪري نماز ادا ڪيون ته اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! نماز اسان جي اخلاق ۽ ڪردار کي سنواري ڪري مثبت ۽ پرڪشش بڻائي ڇڏيندي. الله پاڪ اسان کي پنج ئي وقت نمازون پابندي سان مسجد جي پهرين صف ۾ تڪبير اوليٰ سان پڙهڻ جي توفيق نصيب ڪري.

 صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب                                                        صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد

 (2)  نماز جا طبي فائدا

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! طبي لحاظ کان به نماز جون ڪيئي برڪتون آهن. نماز جي برڪت سان انسان (1)  دماغي (Mental) (2) اعصابي (Neural) (3) ۽ نفسياتي امراض(Psychological Diseases) (4) معدي جي اِلسر(Stomach ulcers). (5) شوگر(Diabetes) (6) فالج (Paralysis) (7) اکين ۽ ڳلي جي مرضن (Eyes and Throat Diseases)کان به محفوظ ٿي ويندو آهي. درست طريقي سان نماز جي ادائيگي ڪوليسٽرول (Cholesterol) جي مقدار کي نارمل (Normal)  رکڻ جو هڪ مستقل ۽ متوازن ذريعو آهي. (8) نماز جي حالت ۾ قيام ۾ چيلھ جي هڏي (Backbone) کي سڪون ملندو آهي. (9) ۽


 

 



[1] مسندِ امام احمد،جلد:4،صفحہ:658،حدیث:10030