Naik Amal Ke Dunyawi Faiday

Book Name:Naik Amal Ke Dunyawi Faiday

* نيڪ عمل نمبر 62 جي  مطابق  هر سومر شريف جو روزو (يا رهجي وڃڻ جي صورت ۾ ڪنهن به ڏينهن) جو روزو رکڻ معدي جي تڪليفن ۽ بيمارين ۾ مفيد آهي ڇوته روزو رکڻ سان هاضمي جو نظام بهتر، شوگر ليول، ڪوليسٽرول ۽ بلڊ پريشر  ۾ اعتدال رهندو آهي، مزيد هي ته دل جو دورو پوڻ جو خطرو به ناهي رهندو ڇوته روزي جي دوران خون جي مقدار ۾ ڪمي اچي ويندي آهي ۽ دل کي انتهائي فائديمند آرام پهچندو آهي. روزي سان جسماني ڇڪ، ذهني آڪيڙ، ڊپريشن ۽ نفسياتي مرضن جو خاتمو ٿيندو، ٿلهائپ ۾  گهٽتائي ۽ اضافي چرٻي ختم ٿيندي آهي. روزو رکڻ سان بي اولاد خواتين وٽ اولاد ٿيڻ جا امڪان وڌي ويندا آهن. [1]

 صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب                                                        صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد

12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: نيڪ اعمال

  پيارا اسلامي ڀائرو! هن پُرفتن دور ۾ عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي جو ديني ماحول الله پاڪ جي وڏي نعمت آهي، الحمدلله! دعوتِ اسلامي نيڪ، نمازي بڻائڻ واري، سڄي دنيا ۾ سنّتن کي عام ڪرڻ واري ديني تحريڪ آهي، توهان به دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿي وڃو! 12 ديني ڪمن ۾ خوب وڌي ڪري حصو وٺو! اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم! دنيا ۽ آخرت جون بي شمار ڀلايون نصيب ٿينديون. ذيلي حلقن جي 12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: نيڪ اعمال به آهي. هيءُ مختصر رسالو مڪتبةُ المدينه کان طلب ڪيو ۽ چاهيو ته دعوتِ اسلامي جي ويب سائٽ (www.dawateislami.net) تان ڊاؤن لوڊ ڪري وٺو بلڪه وڌيڪ آساني گهرو ٿا ته پنهنجي موبائل ۾ 
Naik Amal ايپلي ڪيشن انسٽال ڪري وٺو، ان ۾ مختلف نيڪ اعمال تي


 

 



[1] تفسیر صراط الجنان،پارہ:2،سورۂ بقرہ،زیرِ آیت:184 ،جلد:1 ،صفحہ:293  بتصرف