Aal e Nabi Ke Fazail

Book Name:Aal e Nabi Ke Fazail

ماءُ جهڙي ماءُ وَجَدٍّ كَجَدِّهِمَا انهن جي ناني جهڙو نانو آڻيو، وَجَدَّةٍ كَجَدَّتِهِمَا انهن جي نانيءَ جهڙي ناني، وَجَدَّةٍ كَجَدَّتِهِمَا انهن جي چاچي جهڙو چاچو، سندن مامي جهڙو مامو آڻيو! پوءِ انھن جي برابري ڪجو، پر ياد رک! تون ائين ڪري نه سگهندين، ڇاڪاڻ ته اَبُوْهُمَا فَعَلِيُّ الْمُرْتَضٰى  انهن جو والد علي مرتضيٰ شير خدا رَضِىَ اللّٰهُ عَـنْهُ آهي اُمُّهُمَا فَفَاطِمَةُ الزَّهْرَاء  انهن جي ماءُ فاطمة الزهره رَضِىَ اللّٰهُ عَـنْهَا آهي  جَدُّهُمَا مُحَمَّدُنِ الْمُصْطَفٰی  انهن جو نانو محمد مصطفى صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم آهي  جَدَّتُهُمَا خَدِيْجَةُ الْكُبْرٰى  انهن جي ناني سيده خديجة الڪبرى رَضِىَ اللّٰهُ عَـنْهَا آهي عَمُّهُمَا جَعْفَرُ بْنُ اَبِيْ طَالِبٍ  انهن جو چاچو جعفر بن ابو طالب رَضِىَ اللّٰهُ عَـنْهُ آهي خَالُهُمَا اِبْرَاهِيْمُ بْنُ رَسُوْلِ اللہ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  انهن جو مامو حضرت ابراهيم بن رسول الله صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  و رَضِىَ اللّٰهُ عَـنْهُ آهن ۽ خَالَتَاهُمَا رُقَيَّةُ وَاُمُّ كُلْثُوْمٍ اِبْنَتَا رَسُوْلِ اللہ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم انهن جون ماسيون رسول الله صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جون نياڻيون سيده رقيه ۽ سيده ام ڪلثوم رَضِیَ اللهُ عَنْهُمَا آهن.[1]

کیا بات رضا اس چمنستانِ کرم کی                         زہراء ہیں کلی جس میں حسین اور حسن پُھول

سنت فاروقيءَ   تي عمل ڪيو!

پيارا اسلامي ڀائرو! معلوم ٿيو؛ نبي ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو اولاد  نسب جي لحاظ سان الڳ شان جو مالڪ آهي، انهن جهڙو نسب ٻئي ڪنهن کي نصيب نه آهي، ان واقعي مان اهو به معلوم ٿيو ته جڏهن به ڪا شيءِ ورهائڻي هجي ته سادات جي احترام ۾ انهن کي ٻيڻو حصو ڏنو وڃي، اها ئي فاروقي سنت آهي.

اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه! عاشقِ صحابه و اهل بيت، شيخ طريقت امير اهلنست دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ به ان فاروقي طريقي تي عمل ڪندڙ آهن، پاڻ سيّد سڳورن جي تمام گھڻي


 

 



[1] رياض النضرة ،ج۱، ص۳۴۰