Book Name:Aal e Nabi Ke Fazail
عزت ڪندا آهن، ملاقات جي وقت جيڪڏهن اهو ٻڌايو وڃي ته هي سيد صاحب آهي، ڪيترائي ڀيرا ڏٺو ويو آهي ته پاڻ عاجزي سان سيد زادي جو هٿ چمندا، انهن کي پنهنجي ڀرسان ويهاريندا آهن، سادات سڳورن جي ٻارن سان بي پناهه محبت ۽ شفقت سان پيش ايندا آهن، جڏهن ڪا شيءِ ورهائيندا آهن ته سادات سڳورن کي ٻيڻو حصو ڏيندا آهن، ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن سيد زادي کي ڏسي هي شعر جھومي جھومي پڙهڻ لڳندا آهن.
تیری نسل پاک میں ہے بچہ بچہ نور کا تو ہے عین نور تیرا سب گھرانا نور کا
حضرت فاروق اعظم رَضِىَ اللّٰهُ عَـنْهُ جي صدقي الله پاڪ اسان کي به سادات ڪرام جو ادب ۽ احترام ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي.
حُبِّ اہلِ بیت دے آلِ محمّد کے لئے کر شہیدِ عِشق حمزہ پیشوا کے واسطے
دو جہاں میں خادمِ آلِرسول اللہ کر حضرتِ آلِ رسولِ مقتدا کے واسطے[1]
صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد
اي عاشقان صحابه و اهل بيت! هڪ ته هيءَ ڳالهه آهي ته سادات سڳورن جو نسب تمام فضيلت وارو آهي، ان سان گڏوگڏ هن پاڪ ۽ اعليٰ نسب جي هڪ خاص خوبي اها به آهي ته قيامت جو اهو خوفناڪ ڏينهن جڏهن سڀ رشتا ناتا ٽٽي ويندا، ماءُ سڪيلڌي پٽ کي ڇڏي ڏيندي، پيءُ پٽ کان هٿ ڇڏائيندو، ڪوبه نه پڇندو ته ڪير ڪنهن جو پٽ آهي ۽ ڪير ڪنهن جو ڀاءُ آهي پر قربان وڃجي! اهل بيت پاڪ جي شان تي جو سندن پاڪ نسب اها مبارڪ ۽ مضبوط