Aal e Nabi Ke Fazail

Book Name:Aal e Nabi Ke Fazail

اولاد پاڪ جو تعداد

 پيارا اسلامي ڀائرو! اسان ٻڌو! آلِ نبي جي معرفت (يعني سڃاڻپ، مثال طور انهن جي باري ۾ معلومات حاصل ڪرڻ، انهن جي فضيلت کي سڃاڻڻ وغيره) دوزخ کان ڇوٽڪاري جو ذريعو آهي، اچو! اولادِ مصطفيٰ جي باري ۾ ٿوري ڄاڻ حاصل ڪيون ٿا:

عالمن سڳورن جو ان ڳالھ تي اتفاق آهي ته تاجدارِ رسالت، شهنشاھِ نبوت صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جون فقط 4 شهزاديون آهن (نه 3، نه 5). باقي، شهزادن جي تعداد ۾ اختلاف آهي. اڪثر عالمن جو چوڻ هي آهي ته رسول الله صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي اولاد پاڪ جو تعداد 7 آهي. انهن ۾ 4 شهزاديون آهن: (1): حضرت زينب، (2) حضرت رقيه، (3) حضرت ام ڪلثوم ۽ (4): حضرت فاطمة الزهره ۽ ٽي شهزادا آهن: (5): حضرت قاسم، (6): حضرت عبدالله ۽ (7): حضرت ابراهيم. رَضِیَ اللهُ عَنْهُم حضور اڪرم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جا سڀئي شهزادا ننڍيءَ ڄمار ۾ ئي وفات ڪري ويا، جڏهن ته شهزاديون گهڻي عرصي تائين زندھ رهيون، حضرت زينب، حضرت رقيه ۽ حضرت اُم ڪلثوم رَضِىَ اللّٰهُ عَـنْهُنَّ  حضور اڪرم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ظاهري حياتيءَ ۾ ئي فوت ٿي ويون، چوٿين شهزادي حضرت فاطمه الزهرا رَضِىَ اللّٰهُ عَـنْهَا آهي جيڪا نبي ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ظاهري وفات کان بعد هڪ عرصو زندھ رهي پھرين ٽن شهزادين مان ڪنھن جو به اولاد باقي نه رهيو، صرف حضرت فاطمه زهره مان ئي اولاد اڳتي وڌيو، هاڻي دنيا ۾ جيترا به سيد آھن سڀ حضرت امام حسن مجتبيٰ ۽ حضرت امام حسين رَضِیَ اللهُ عَنْهُمَا جي اولاد مان آهن. اولاد مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي باري ۾ تفصيلي ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ  مڪتبة