Raste Ke 4 Huqooq Qist 02

Book Name:Raste Ke 4 Huqooq Qist 02

حق بيان ٿيا آهن: انهن مان (1) حُسْنُ الْکَلَامِ (چڱي گفتگو ڪرڻ) [1] تَشْمِیْتُ الْعَاطِسِ اِذَاحَمِدَ  (نڇ جو جواب ڏيڻ) (3) تَغِيْثُوْا الْمَلْهُوفَ (يعني حاجت مند جي مدد ڪرڻ)  (4) تَھْدُوا الضَّالَ   (ڀٽڪيل کي رستو ڏيکارڻ) به آهي.[2]

رستي جا 4 حق

پيارا اسلامي ڀائرو! اسلام جو حُسن آهي ته ان پياري دين نه رڳو ٻانهن جا حق ٻڌايا آهن پر ٻين شين جهڙوڪ جانورن ۽ رستن جا حق به سيکاريا آهن. روايتن ۾ رستن جا 15 حق بيان ڪيا ويا آهن، جن مان مزيد 4 حق اڄ اسان سکنداسين. اچو! پهريان سکيل حقوق کي دهرايون ٿا:

(1) غَضَّ البَصَر (نظر هيٺ رکڻ) (2) کَفَّ الْاَذٰی(تڪليف کان بچائڻ)  (3) رَدَّ السَّلام   (سلام جو جواب ڏيڻ) (4) (4): اَمْرٌ بِالْمَعْرُوْفِ وَ نَہْیٌ عَنِ الْمُنْکَرِ (يعني نيڪي جو حڪم ڏيڻ ۽ برائي کان منع ڪرڻ).  

 وڌيڪ 4 حقوق جيڪي اسان اڄ سکنداسين، اهي هي آهن:

(1):حُسْنُ الْکَلَامِ (چڱي گفتگو ڪرڻ)

 وضاحت:*رستي ۾ شور ڪرڻ *مذاق مسخري ڪرڻ، وڏا ٽهڪ ڏيڻ، * هڪٻئي کي زور سان سڏڻ، *رڙيون ڪري ڳالهائڻ،*بازاري انداز ۾ ڳالهائڻ کان پاسو ڪيو! *نبي ڪريم رؤف و رحيم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم  ڪڏهن به اهڙي طرح نه ڳالهائيندا  هئا. *پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم  جي گفتگو ۾ آواز نه گهڻو بلند هوندو هو ۽ نه ئي ايترو گهٽ جو ٻڌڻ ۾ ڏکيائي ٿئي. اسان جتي به هجون، رستي ۾ هجون يا گهر ۾، هر جاءِ تي سٺي نموني گفتگو


 

 



[1] مسلم ،كتاب السلام ،باب من حق الجلوس علی الطریق رد السلام ،صفحہ:856،حدیث:2161۔

[2] ابو داود،کتاب الادب ،بابا فی الجلوس الطریقات،صفحہ:757،حدیث:4817۔