Raste Ke 4 Huqooq Qist 02

Book Name:Raste Ke 4 Huqooq Qist 02

ضرورت مطابق انهن کي پاڻي پيارڻ. *ريسڪيو کي مدد لاءِ سڏائڻ، ڪنهن جي گاڏي خراب ٿي پئي، ويچارو پريشان آهي، ان جي مدد ڪرڻ * پيادل هلڻ واري کي سوار ڪرڻ وغيره مدد جون صورتون آهن. حديث پاڪ ۾ آهي: ٻانهو جيستائين پنهنجي ڀاءَ جي حاجت پوري ڪرڻ ۾ لڳل رهندو آهي، الله پاڪ ان جي حاجت پوري فرمائيندو رهندو آهي.[1]

 نوٽ: * جيڪڏھن موٽرسائيڪل خراب ٿي وڃي يا پيٽرول ختم ٿي وڃي، ته ڪڏهن ڪڏهن ٻيو موٽرسائيڪل سوار هٿ ڏئي منزل تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، پر اھو خطرناڪ آهي، روڊ تي اهڙن ڪمن کان بچڻ ضروري آهي، نه ته نقصان ٿي سگهي ٿو. * راهه هلندڙ کي لفٽ ڏيڻ (يعني پنهنجي موٽرسائيڪل تي سوار ڪرڻ) ۾ به اڄڪلهه گهڻي احتياط جي ضرورت آهي.

لباسِ خضر میں یہاں سیکڑوں راہزن بھی پھرتے ہیں

گر جینے کی خواہش ہے تو پہچان پیدا کر

وضاحت: يعني راهنما ۽ خيرخواھ جي روپ ۾ ڪو ڌاڙيل به ٿي سگهي ٿو، تنهنڪري جيئڻ لاءِ ماڻھن کي پرکڻ سکڻ به ضروري آهي!

(4) تَھْدُوا الضَّالَ (يعني ڀٽڪيل کي رستو ڏيکارڻ)

وضاحت: مثلاً * جيڪڏهن ڪنهن رستو پڇيو، ته ان کي رستو ٻڌائي ڇڏڻ * ڪا اهڙي جاءِ، جتي عام طور ماڻهو دوکو کائيندا آهن يا رستو ڀلجي ويندا آهن، اتي رستي جي نشاندهي ڪندڙ ڪا علامت لڳائي ڇڏڻ، جيئن بند گلي جي ڪنڊ تي ڪٿي نمايان جاءِ تي لکڻ ته "اڳيان گهٽي بند آهي“  *  اهڙيءَ طرح ڪنهن سبب ڪري رستو بند آهي، ته وڃڻ وارن


 

 



[1] معجم کبیر ،جلد:3،صفحہ:245،حدیث:4667۔