Book Name:Raste Ke 4 Huqooq Qist 02
ڪرڻ گهرجي.
حديث پاڪ ۾ آهي: حُسْنُ الْكَلام (چڱي گفتگو ڪرڻ) جنت ۾ وٺي ويندي آهي.[1] (2) تَشْمِیْتُ الْعَاطِسِ اِذَا حَمِدَ (نڇ جو جواب ڏيڻ).
وضاحت: جڏهن ڪنهن مسلمان کي نڇ اچي ۽ هو الحمدللہ چوي، ته ان جو جواب فوري طور تي ۽ ايتري آواز ۾ ڏيڻ واجب آهي جو نڇ ڏيڻ وارو ٻڌي وٺي هي واجب آهي.[2] رستي ۾ اڪثر ان ڳالهه جي طرف توجھ ناهي رهندي، عام طور تي ماڻهو رستي ۾ نڇ جو جواب ناهن ڏيندا، ان ڪري اسان کي گهرجي ته *گھر * آفيس * دڪان * رستي ۾ پيادل هجو *يا بس *ريل گاڏي *جهاز *يا رڪشي وغيره ۾ سفر ڪري رهيا آهيو، جڏهن ڪو نڇ اچڻ تي الحمدللہ چوي ته اسان کي ان جو جواب ڏيڻ گهرجي.
نڇ جو جواب ڏيڻ جو طريقو: جنهن کي نڇ اچي ان کي اَلحَمۡدُلله چوڻ گهرجي! بهتر اهو آهي ته اَلْحَمْدُ لِلہِ رَبِّ الْعَالَمِیْن چئي ۽ ٻڌڻ وارو ان جي جواب ۾ هيئن چئي؛ یَرْحَمُکَ اللہِ پوءِ نڇ ڏيڻ وارو چئي: یَغْفِرُ اللہُ لَنَا وَلَکُم.[3]
(3) تَغِيْثُوا الْمَلْهُوفَ (يعني حاجت مند جي مدد ڪرڻ)
*مثلاً نابينا کي روڊ پار ڪرائڻ *پوڙهي جي مدد ڪرڻ *ڪمزور کي سامان کڻي ڏيڻ * ڪو ڪري پيو ته اڳتي وڌي کڻڻ * الله نه ڪري حادثو ٿي وڃي ته اڳتي وڌي ڪري ڪِرڻ وارن، زخمين جي مدد ڪرڻ *