Ramadan ul Mubarak Ke 4 Huqooq

Book Name:Ramadan ul Mubarak Ke 4 Huqooq

رکو!  تراويح 20  ئي رڪعتون آهن، ۽ اهي 20 ئي رڪعتون سنتِ مؤڪدہ آهن. انهن ۾ گهٽتائي ڪرڻ، مثال طور 8  يا 12 رڪعتون پڙهڻ جي عادت بڻائي ڇڏڻ به گناهه آهي. * ان کان علاوه اوابين، تهجد ۽ رات جي نفلن جو اهتمام ڪرڻ به وڏو ثواب وارو ڪم آهي.[1]

    ٽيون حق:           گناهن کان بچڻ  

وضاحت: گناھ پوءِ اهو ننڍو هجي يا وڏو، آخر گناهه ئي آهي، رمضان شريف ۾ ان جي برائي ڪيترائي ڀيرا وڌي ويندي آهي، حديثِ پاڪ ۾ آهي: جيڪو رمضان ۾ گناهه جو ڪم ڪندو، الله پاڪ ان جا سال ڀر جا عمل ضايع فرمائي ڇڏيندو آهي.[2] لهٰذا بالعموم سڄي زندگي، خصوصاً ماھ رمضان ۾ * بدنگاهي * ڪوڙ * چغلي * وعده خلافي *ماپ تور ۾ گهٽتائي *  وياجي لين دين وغيره وغيره گُناهن کان بچندا رهو!

ٽيون حق:                 مواسات (يعني همدردي ۽ خيرخواهي ڪرڻ)

 وضاحت: هي به رمضان شريف جو هڪ اهم حق آهي ته هن مهيني ۾ ٻين سان خاص طور تي همدردي ۽ ڀلائي ڪئي وڃي. حديثِ پاڪ ۾ رمضان شريف کي شَہْرُ الْمَوَاسَاۃِ  يعني همدردي ۽ خيرخواهي جو مهينو چيو ويو آهي.[3]

لهٰذا هن مبارڪ مهيني ۾: * خوب صدقو ۽ خيرات ڪيو! * غريبن، مسڪينن، بي سهارن ۽ غم زده ماڻهن جي مدد ڪيو! * بکايلن کي کاڌو کارايو! * غريبن کي روزو رکڻ ۾ آساني لاءِ راشن جو اهتمام ڪيو! * غريبن جي وسندين ۾ پاڻ وڃي يا ملازم وغيره کي موڪلي راشن ورهايو! * دوستن، پاڙيسرين، محلي وارن ۽ مائٽن تي به ثواب


 

 



      [1] فتاوی رضویہ،جلد:7 ،صفحہ:457۔

[2]معجم اوسط، من اسمہ طاہر،  جلد:2، صفحہ:414، حدیث:3688۔

[3] شعب الایمان،الباب  الثالث والعشرون باب  فی الصیام ،جلد:3،صفحہ:305،حدیث:3608