Book Name:Ramadan ul Mubarak Ke 4 Huqooq
ياد رکو! هر مسلمان، عاقل ۽ بالغ تي رمضان المبارڪ جا روزا فرض آهن.[1] شريعت جي اجازت کانسواءِ هڪ به روزو ڇڏڻ ڪبيرو گناهه، حرام ۽ جهنّم ۾ وٺي وڃڻ وارو عمل آهي. [2]تنهنڪري رمضان المبارڪ جا سڀئي روزا پابنديءَ سان رکو!
: روايتن موجب: * رمضان المبارڪ جو هڪ روزو پوئين گناهن جو ڪفارو آهي. * روزيدار لاءِ جنت ۾ گهر تيار ڪيو ويندو آهي. * ان لاءِ آسمان جا دروازا کوليا ويندا آهن. * ان جا عضوا تسبيح ڪندا آهن. * ملائڪ سج لهڻ تائين ان جي مغفرت جي دعا ڪندا آهن. * ۽ قيامت جي ڏينهن روزيدارن لاءِ سون جو دسترخوان وڇايو ويندو آهي.
ٻيون حق: رات جو قيام
وضاحت: قيام جو مطلب آهي: عبادت ڪرڻ، پوءِ اها ويهي هجي يا بيهي. حديثِ پاڪ ۾ آهي، اسان جي آقا ۽ مولا، مڪي مدني مصطفى صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو: بيشڪ الله پاڪ رمضان جا روزا توهان تي فرض ڪيا ۽ مون توهان جي لاءِ رمضان جي قيام (تراويح) کي سنت قرار ڏنو. تنهنڪري جيڪو شخص رمضان المبارڪ جا روزا رکي ۽ ايمان سان، ثواب حاصل ڪرڻ جي نيت سان قيام ڪري، اهو گناهن کان اهڙيءَ طرح پاڪ ٿي ويو جيئن پنهنجي ماءُ جي پيٽ مان ڄمڻ جي ڏينهن هو.[3]
نوٽ: * قيامِ رمضان جي سڀ کان اهم صورت نمازِ تراويح آهي. هيءَ سنتِ مؤڪدہ آهي، جيڪڏهن ڇڏڻ جي عادت بڻائي ته گنهگار ٿيندا. ياد