Book Name:Ramadan ul Mubarak Ke 4 Huqooq
روايتن موجب چارئي وڏا آسماني ڪتاب(يعني تورات، زبور، انجيل ۽ قرآنِ پاڪ) به هن ئي مهيني رمضان المبارڪ ۾ نازل ٿيا. [1]
فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم:
منهنجي اُمّت جيسيتائين رمضان المبارڪ جو حق ادا ڪندي رهندي، ڪڏهن به رسوا نه ٿيندي. پڇيو ويو: رمضان المبارڪ جو حق ضايع ڪرڻ ڇا آهي؟ فرمايو: هن مهيني جي حرمت پامال ڪرڻ (يعني گناهن ۾ پئجي وڃڻ). وڌيڪ فرمايو: رمضان المبارڪ جي باري ۾ ڊڄو...!! بيشڪ هن مهيني ۾ نيڪين جو قدر ايترو وڌي ويندو آهي جو ٻين مهينن ۾ ايترو ناهي وڌندو، اهو ئي معاملو گناهن جو به آهي.[2]
پيارا اسلامي ڀائرو! معلوم ٿيو ته رمضان المبارڪ جي بي قدري رسوائي جو سبب آهي ۽ ان جا حق ادا ڪرڻ عزت ۽ عظمت جو ذريعو آهي. اسان کي گهرجي ته هن مبارڪ مهيني جي قدر ڪيون ۽ ان جا حق پوريءَ طرح ادا ڪيون.
رمضان المبارڪ جا ڪيترائي حق آهن، انهن مان 4 حق اڄ اسان ٻڌڻ ۽ سکڻ جي سعادت حاصل ڪنداسين.
پهريون حق: روزو رکڻ
وضاحت: رمضان المبارڪ جي خاص سڃاڻپ ئي روزو آهي. الله پاڪ فرمائي ٿو:
فَمَنْ شَهِدَ مِنْكُمُ الشَّهْرَ فَلْیَصُمْهُؕ- (پارو: 2، البقره: 185)
ترجمو ڪنزالايمان: پوءِ توهان مان جيڪو به هي مهينو ماڻي ته ضرور ان جا روزا رکي.