Ramadan ul Mubarak Ke 4 Huqooq

Book Name:Ramadan ul Mubarak Ke 4 Huqooq

سکڻ سيکارڻ جي حلقن جو جدول

(1)  مختلف موضوعن تي مختصر بيان: 5 منٽ (2) دعا ياد ڪرڻ: 5 منٽ (3) جائزو: 5 منٽ: ڪل دورانيو: 15 منٽ

اڄ سکڻ سيکارڻ جي مدني حلقن ۾رمضان المبارڪ جا 4 حق “ جي موضوع تي مفيد ترين معلومات ڏني ويندي ۽ روزو افطار ڪرڻ جي دعا ياد ڪرائي ويندي، دعا ياد ڪرائڻ کان پوءِ اجتماعي جائزو ورتو ويندو.  اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم!   

درود  شريف جي فضيلت   

فرمانِ آخري نبي، رسولِ ہاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم: جڏهن توهان رسولن تي درودِ پاڪ پڙهو ته مون تي به پڙهو، بيشڪ مان تمام جهانن جي رب جو رسول آهيان.[1]

صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب            صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد

رمضان المبارڪ جا 4 حقوق  

آيتِ ڪريمه

الله پاڪ فرمايو:

شَهْرُ رَمَضَانَ الَّذِیْۤ اُنْزِلَ فِیْهِ الْقُرْاٰنُ  (پارہ:02،البقرہ :185)

ترجموڪنزالعرفان: رمضان جو مهينو آهي جنهن ۾ قرآن نازل ڪيو ويو.

هي به رمضان المبارڪ جي عظمت جو هڪ پهلو آهي ته الله پاڪ هدايت جي ڪتاب يعني قرآنِ پاڪ کي نازل ڪرڻ لاءِ هن مبارڪ مهيني کي چونڊيو.


 

 



[1] جمع الجوامع، جلد :1، صفحہ:320، حديث:2354۔