Book Name:HIrs kay Nuqsanat Qanaat ki Barkatain
نعمتن کي ڏسي ڪري خُود به اُن کي حاصِل ڪرڻ جي چڪر ۾پريشان حال رہڻ ۽ غلَط ۽ صحيح ہر قسم جي منصوبا جوڙڻ ۾ ڏينهن رات لڳل رهڻ جي جذبي کي ئي حرْص ۽ لالچ سڏيو ويندو آهي، حِرْص ۽ طَمْع دَرحقيقت انسان جي هڪ پيدائشي خَصلَت آهي۔ (جنتی زیور،۱۱۰)
حديث شريف ۾ آهي ته جيڪڏهن انسان وٽ مال جون ٻه (2) وادِيون به ہجن ته هو ٽين وادي جي تمنّا (خواهش) ڪندو ۽ اِبنِ آدم (يعني انسان) جي پيٽ کي قبْر جي مِٽي کان سِواءِ ڪابه شيء نه ٿي ڀري سگھي۔ (مسلم ، کتاب الزکاۃ ، باب لوان لابن آدم وادیین لابتغی ثالثاً ،ص۵۲۱، رقم: ۱۰۴۸)
سُبحٰن اللّٰه عَزَّوَجَلَّ! توهان ڏٺو ته سرڪارِ مدينه، سُرورِ قلب و سينه صَلَّي اللهُ تَعَالٰي عَلَيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن ڪيتري قدر جامِع اَنداز ۾ حرْص جي مُتَعَلّق اسان جي رَہنمائي فرمائي ته انسان جو حرص ڪڏهن به پورو نه ٿو ٿئي، جيڪڏهن اُن کي سَون سان ڀريل وادِيون به مِلي وڃن ته تڏهن به اڃا گهڻي جي خواہش ڪندو آهي ۽ ہرگز اهو نه سمجھندو آهي ته بس هاڻي مونکي مال ۽ دَولت جي ضرورت ناهي ڇاڪاڻ ته هي شيء ته هن مَرِيضُ الْحِرْص (حرْص جي مريض) جي رَڳ رَڳ ۾ رت جيان سَمائجي وئي آهي، تنهنڪري وقت گُزرڻ سان گڏوگڏ اُن جي حرص ۾ ڪمي اچڻ جي بجائي وڌيڪ اِضافو ٿيندو ويندو آهي، آخرڪار وقتِ اَجَل (موت) اچي پہچندو آهي، مَوت اُن جي زندگي جو ڏِيئو وسائي ڇڏيندو آهي ۽ هڪ ئي جھٽڪي ۾ سندس خوابن جو محل ٽُڪرا ٽُڪرا ٿي ويندو آهي۔ بي شڪ جنهن خُوش نصيب وٽ قناعت جي دَولت ہوندي آهي اهو سُڪون ۽ اِطمِينان جي زندگي گذاري رهيو هوندو آهي، ان جي برعڪس جنهن جي دِل ۽ دماغ ۾ حرْص جي نَحوست گھر ڪري ويندي آهي اُن کي