Book Name:HIrs kay Nuqsanat Qanaat ki Barkatain
نصيحت سان“ ۽ بخاري شريف (حديث: 4361) جي هن فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم: بَلِّغُوۡا عَنِّيۡ وَلَوۡ آيَة (بخاري، ڪتاب احاديث الانبياء،باب ماذڪر عن بني اسرائيل،2 /462، حديث :3461) يعني ”منهنجي طرفان پهچايو جيتوڻيڪ هڪ ئي آيت هجي“ ۾ ڏنل احڪام جي پيروي ڪندس * نيڪي جو حڪم ڏيندس ۽ بُرائي کان منع ڪندس * شعر پڙهڻ، عربي، انگريزي ۽ ڏکيا لفظ ڳالهائڻ دؤران دل جي اخلاص تي توجُّھ رکندس يعني پنهنجي علميت جو ڌاڪو ويهارڻ مقصود ٿيو ته ڳالهائڻ کان بچندس * مدني قافلي، مدني انعامات ۽ علاقائي دوره براءِ نيڪي جي دعوت وغيره جي رغبت ڏياريندس * ٽهڪ ڏيڻ ۽ ڏيارڻ کان بچندس * نظر جي حفاظت بڻائڻ جي خاطر حتي الامڪان نگاهون جهڪائي رکندس۔
صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب! صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد
حِرص جون تباھ ڪاريون
دعوتِ اسلامي جي اِشاعتي اِداري مڪتبة المدينہ جي مطبوعه ”عُيونُ الحڪايات“ جلد نمبر 2 جي صفحي نمبر 396 تي حضرتِ سَيدُنا عبدُ الرَّحمٰن بن علي جوزي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جن هڪ دِلچَسْپ ۽ سَبَق آموز حڪايت نَقْل ڪئي آهي ته ڪنهن گھر ۾ هڪ عجيب و غريب نانگ رہندو هو جيڪو روزانو سَون جو هڪ آنو (بيضو) ڏيندو هو۔ گھر جو مالڪ مُفت جي دَولت ملڻ تي تمام خُوش هو۔ هن شخص جي گھروارن کي تاڪيد ڪيل هئي ته هي ڳالھ ڪنهن کي نه ٻڌائين۔ ڪيئي مهينن تائين هي سِلْسِلو ائين ئي هلندو رهيو۔ هڪ ڏينهن نانگ پنهنجي ٻِرُ (سُوراخ) مان نِڪتو ۽ سندس ٻَڪري کي ڏنگي ڇڏيو۔ اُن جو زَہْر اهڙو خطرناڪ هو جو ڏسندي ئي ڏسندي ٻَڪري جي مَوْت