HIrs kay Nuqsanat Qanaat ki Barkatain

Book Name:HIrs kay Nuqsanat Qanaat ki Barkatain

ڪريو بلڪه ٻين اسلامي ڀائرن کي به ان جي ترغيب ڏياريو. ان ڪتاب کي دعوتِ اسلامي جي ويب سائيٽ www.dawateislami.net جي ذريعي رِيڊ (يعني پڙهيو) به وڃي سگھجي ٿو، ڊاؤن لوڊ (Download) به ڪري سگھجي ٿو ۽ پرنٽ آؤٽ (Print Out) به ڪري سگھجي ٿو ۔

بَيان جو خُلاصو

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اڄ جي بَيان ۾ اسان حِرص جا نُقْصانات ۽ قناعت جي برڪتن جي باري ۾ ٻڌو جنهن مان معلوم ٿيو ته حِرص انسان کي انڌو ڪري ڇڏيندو آهي، جنهن شخص جي دل ۾ حِرص جي بيماري پيدا ٿي وڃي، ڄڻ ته اُن جي اکين تي لالچ جي پٽي ٻَڌجي ويندي آهي، اُن کي پنهنجي نفعي ۽ نُقصان جي سڃاڻپ نه ہوندي آهي، اهو رات ڏينهن مال ۽ دولت جمع ڪرڻ جي ڪوشش ۾ لڳل رہندو آهي، مال جي لالچ اُن کي مالدارن جي اڳيان جھڪڻ، اُن جو غُلام بنجڻ ۽ مال حاصل ڪرڻ جا ناجائز ذريعا اختيار ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيندي آهي ايستائين جو حِرص ۽ لالچ جي بُري خصلت، لالچي ماڻهو کي بي حِس، بي رَحْم ۽ ظالم ۽ جفاڪار بڻائي ڇڏيندي آهي، مال حاصل ڪرڻ جي لاءِ اهو پنهنجن ۽پراون ڪنهن جو خيال نه ڪندو آهي، ديني اعتبار سان حِرص جي نُقْصان جو اندازو اِن ڳالھ مان لڳائي سگھجي ٿو ته ٻه (2) بُکايل بگھڙ ٻڪرين جي ڌَڻ ۾ اِيتري قدَر نُقصان جو سبب نه ٿيندا جيتري قدر لالچ، انسان جي دِين جي لاءِ نُقصان جو سبب ٿيندي آهي، تنهنڪري دُنيا ۽ مال جي حِرص کان بچندي قناعت اختيار ڪرڻ گھرجي ڇوجو دُنياوي مال ته ختم ٿي ويندو آهي پر قَناعَت جيڪا حقيقي دولت آهي ڪڏهن به ختم نه ٿيندي آهي، حديثِ پاڪ جي روشني ۾ ڪامياب شخص اُهو آهي جنهن اسلام آندو ۽ اللہ