Book Name:HIrs kay Nuqsanat Qanaat ki Barkatain
سُبحٰن اللّٰه عَزَّوَجَلَّ! معلوم ٿيو ته ہر حِرص قَبِيح (بُرو) ناهي بلڪه جيڪو حرْص آخِرَت سان لڳاپيل معاملن تي مَبْنِي ہجي اها قابلِ تعريف آهي، گڏوگڏ هي به معلوم ٿيو ته انسان ڪيتريون ئي نيڪيون ڪري پر نيڪين جي حرص ۾ ڪمي نه اچڻ گھرجي، البت دُنياوي مُعاملات ۾ قناعت ڪرڻ بهترين شيء آهي۔ اچو ته! قناعت جي تعريف ۽ اُن جي فضيلت جي باري ۾ ٻُڌون ٿا۔
قناعت جي تعريف
شيخُ الحديث حضرتِ علّامہ عبدُالمُصطَفيٰ اَعْظَمي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا ته انسان کي جيڪو ڪجھ خُدا (عَزَّوَجَلَّ) جي طرف کان مِلي وڃي ان تي راضي رهندي زندگي گذاريندي حرص ۽ لالچ کي ڇڏي ڏيڻ کي قناعت چوندا آهن۔ (جنتی زیور،ص۱۳۶بتغیر قلیل) جڏهن ته علّامہ مِير سَيد شريف جُرجاني حَنَفي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه قناعت جي تعريف بيان ڪندي اِرشاد فرمائن ٿا: هِيَ السُّكُوۡنُ عِنۡدَ عَدَمِ الۡمَاۡلُوۡفَاتِ يعني روزمرّہ اِسْتِعْمال ٿيڻ وارين شين جي نه ہئڻ تي به راضي رہڻ قناعت آهي۔ (التعريفات للجرجانی،باب القاف،تحت اللفظ:القناعۃ، ص۱۲۶)
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ياد رکو ته اَصل مالداري هي ناهي ته انسان وٽ گھڻو مال ۽ دولت ہجي بلڪه اَصل مالداري ته هي آهي ته جيڪڏهن مال هجي پر اُن تي قناعت حاصِل ہجي، ڇو جو مال ۽ دولت وارو شخص اهڙو مالدار آهي جو اُن کي ڪيترو ئي مال ڇو نه مِلي وڃي پر مزيد مال جي خواہش باقي رہندي آهي ۽ اِن مال ۾ گھٽتائي به ايندي رهندي آهي جڏهن ته قناعت ڪرڻ وارو شخص اهڙو مالدار آهي جو سندس ڪيترو ئي گھٽ مال ڇو نه ہجي پر اهو مزيد (گھڻي) جي خواهش ناهي ڪندو گڏوگڏ قناعت جي دولت ۾ ڪمي به نه ايندي آهي، بہرحال قناعت بهترين عادت آهي ۽ جنهن کي نصيب ٿي وڃي اهو دُنيا ۽ آخرت ۾ ڪامياب آهي۔ اچو ته قناعت جي رغبت پنهنجي دل ۾ پيدا ڪرڻ جي لاءِ انهي متعلق ڪجھ رِوايتون ٻُڌون: