HIrs kay Nuqsanat Qanaat ki Barkatain

Book Name:HIrs kay Nuqsanat Qanaat ki Barkatain

گھڻو ڪري حياتيءَ ۾ ئي حرص جو اَنجام ڀوڳڻو پوندو آهي۔ اچو ته!هڪ اهڙي بيوَقُوف ۽ حَرِيص شخص جو واقعو ٻُڌون ٿا جنهن کي عزّت جي دال ماني نصيب هئي پر سُٺي کاڌي جي حرص هڪ مالدار دوست جا پير چٽڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو،جنهن جي سبب نه صرف اُن جي عزّتِ نفس مَجْرُوح ٿي بلڪه سندس ذِلّت۽رُسوائي کي منهن به ڏيڻو پيو. جيئن ته

لالچ بُري بَلا آهي

هڪ غريب ماڻهو جا ٽي (3) پُٽ هئا، سندس جيڪا ڪجھ دال ماني نصيب ٿيندي هئي خُود به کائيندو ۽ سندس ٻارن کي به کارائيندو هو۔ اُن مان هڪ پُٽ، پيءُ جي غُربت ۽ دال ماني کان ناخُوش رہندو هو جيئن ته اُن هڪ دولتمند نوجوان سان دوستي ڪري ورتي ۽ سُٺو کاڌو کائڻ جي لالچ ۾ اُن جي گھر اچڻ وڃڻ لڳو۔ هڪ ڏينهن انهن جي درميان ڪنهن ڳالھ تي اَڻبڻت ٿي وئي۔ دَولتمند پنهنجي اَمِيري جي غُرُور ۾ اُن کي تمام گھڻو ماريو ۽ اُن جا ڏند ٽوڙي ڇڏيا۔ تڏهن اهو غريب دل ئي دل ۾ تَوبھ ڪندي چوڻ لڳو ته منهنجي پيءُ جي پيار سان ڏنل دال ماني اِن مارڪُٽ ۽ ذِلّت واري کاڌي کان بہتر آهي، جيڪڏهن آئون سٺي کاڌي کائڻ پيئڻ جو حِرص نه ڪريان ها ته اڄ ايتري مار نه کانوان ها ۽ منهنجا ڏند به نه ٽٽن ها۔

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                   صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اِن حِڪايت ۾ بالخُصُوص اُن ماڻهن جي لاءِ عبرت جا بي شمار مدني گُل آهن جيڪي جائز ۽ ناجائز ۽ حرام۽ حلال جي پرواھ نه ڪندي مال۽ دَولت يا عزّت ۽ مَنصَب وغيرہ جي ہَوَس ۾ پنهنجي آخرت کي داءُ تي لڳائي ڇڏيندا آهن، دَر دَر جي ٺوڪرون کائيندا ۽ پوءِ بعد ۾